قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي رهائي تي يوم تشڪر ۽ اي پي ايم ايس او جي 36 هين يوم تاسيس جي سلسلي ۾ 14 جون بروز ڇنڇر تي ايم ڪيو ايم يوڪي جي زير اهتمام اجتماع منعقد ڪيوويندو.
لنڊن؛ 13 جون 2014
متحده قومي موومينٽ يوڪي جي زير اهتمام 14 جون بروز ڇنڇر تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي رهائي تي يوم تشڪر ۽ اي پي ايم ايس او جي 36 يوم تاسيس جي سلسلي ۾ هڪ اجتماع منعقد ڪيو ويندو.اهو اجتماع ايجويئر ۾ ايم ڪيو ايم انٽرنيشنل سيڪريٽريٽ جي ويجهو واقع سنگم ڪميونٽي سينٽر 210 برنٽ اوڪ بروڊي (پوسٽ ڪوڊ او اي پي ،ايڇ اي 8 )۾ لنڊن جي مقامي وقت جي مطابق شام جو 6 وڳي منعقد ڪيو ويندو. ان کان علاوه ايم ڪيو ايم يو ڪي جي آرگنائيزنگ ڪميٽي تمام ڪارڪنن ۽ همدردن کي اپيل ڪئي آهي ته اهي وڌ کان وڌ تعداد ۾ ان تقريب ۾ شرڪت ڪن.
****