نواب خير بخش مري جي وفات سان پاڪستان هڪ وڏي رهنما کان محروم ٿي ويو آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
نواب بخش مري پوري زندگي محروم ۽ مظلوم بلوچ عوام جي حقن جي لاءِ جدوجهد ڪئي ۽ آخري ساھ تائين پنهنجن اصولن تي ڄميل رهيا.جناب الطاف حسين.
لنڊن؛ 10 جون 2014
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين بزرگ بلوچ رهنما نواب خير بخش مري جي وفات تي دلي افسوس ۽ ڏک جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته نواب خير بخش مري پوري زندگي محروم ۽ مظلوم بلوچ عوام جي حقن جي لاءِ جدوجهد ڪئي ۽ آخري ساھ تائين پنهنجن اصولن تي ڄميل رهيا.انهن جي انهي اصولي ڪردار ۽ جدوجهد جي ڪري بلوچ عوام ئي نه بلڪه محروم عوام جي حقن جي لاءِ جدوجهد ڪرڻ وارا تمام رهنما انهن جو احترام ڪن ٿا. نواب خير بخش مري جي وفات سان پاڪستان هڪ وڏي رهنما کان محروم ٿي ويو آهي. جناب الطاف حسين نواب خير بخش مري جي وفات تي انهن جي تمام سوگوار پونئرن، بلوچ قوم پرست رهنمائن ۽ تمام بلوچن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ دعا ڪئي ته الله تعالٰي نواب خير بخش مري مرحوم کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ انهن جي تمام پونئرن ۽ عقيدت رکڻ وارن تمام ماڻهن کي صبر جميل عطا فرمائي. آمين.
*****