ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ميمبر ۽ حق پرست ميمبر سنڌ اسيمبلي يوسف شاهواڻي نواب خير بخش مري جي تڏي تي وڃي ڪري انهن جي سوگوار پونئرن سان قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان تعزيت ڪئي.
رابطا ڪميٽي ميمبر امين الحق به خير بخش مري جي پٽ چنگيز مري سان فون تي تعزيت ڪئي.
ڪراچي؛11 جون 2014
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين جي هدايت تي رابطا ڪميٽي ميمبر ۽ حق پرست ميمبر يوسف شاهواڻي اربع جي ڏينهن بلوچ قوم پرست رهنما خير بخش مري جي وفات تي انهن جي تڏي تي وڃي ڪري انهن جي سوگوار پونئرن سان ملاقات ڪئي ۽ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان انهن سان تعزيت ڪئي. يوسف شاهواڻي خير بخش مري جي پونئرن سان همدردي جو اظهار ڪندي انهن کي صبر جي تلقين به ڪئي ۽ دعا ڪئي ته الله تعالٰي نواب خير بخش مري کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي صبر جميل عطا فرمائي. ان کان علاوه رابطا ڪميٽي ميمبر امين الحق به مرحوم نواب خير بخش مري جي پٽ چنگيز مري سان فون تي تعزيت ڪئي ۽ مرحوم خير بخش مري جي بلوچستان جي لاءِ ڪيل خدمتن کي ساراهيو ۽ انهن کي زبردست خراج عقيدت به پيش ڪيو.
*****