ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي نائن زيرو تي رابطا ڪميٽي ، شعبن جي ميمبرن ۽ خاص طور تي اي پي ايم ايس او جي ڪارڪنن ۽ ذميوارن سان ڳالھ ٻولھ، اي پي ايم ايس او جي 36 هين يوم تاسيس جي مبارڪباد پيش ڪئي.
لنڊن؛ 11 جون 2014
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين اڱاري جي رات ڪراچي ۾ نائن زيرو تي فون ڪري اتي موجود رابطا ڪميٽي، شعبن جي ميمبرن ۽ خاص طور تي اي پي ايم ايس او جي ڪارڪنن ۽ ذميوارن کي اي پي ايم ايس او جي 36 هين يوم تاسيس جي مبارڪباد پيش ڪئي .ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ۽ تمام ذميوارن جناب الطاف حسين کي يوم تاسيس جي مبارڪباد پيش ڪئي. انهن دعا فرمائي ته الله تعالٰي ڪري اهو يوم تاسيس تحريڪ جي ڪاميابي ، فرسوده جاگيرداراڻه نظام ۽ ڪرپٽ سياستدانن کان نجات، موروثي سياسي ڪلچر جي خاتمي، حقيقي جمهوريت جي قيام ۽ تمام مظلومن جي لاءِ فتح جي خوشخبري ثابت ٿئي. تحريڪ جي قافلي ۾ شامل تمام ماڻهو مظلومن جي فتح ٿيندي ڏسن، محرومن ۽ مظلومن سان ٿيندڙ ناانصافين جو خاتمو ٿئي، عورتن کي زندگي جي هر شعبي ۾ مردن جي برابر حق حاصل ٿين، ملڪ کان چائلڊ ليبر جو خاتمو ٿئي. هارين ۽ ڀٺي جي مزدورن کي جاگيردارن جي ظلم، ڏاڍ ۽ غلامي کان نجات حاصل ٿئي ۽ ملڪ تي غريب ۽ وچولي طبقي جي ايماندار ماڻهن جي حڪمراني قائم ٿئي. جناب الطاف حسين تمام تنظيمي ڪميٽين، تنظيمي ونگز ۽ تمام شعبن جي ميمبرن، امڙين ، ڀينرن، بزرگن ۽ ڪراچي سميت سڄي سنڌ جي يونٽن، سيڪٽرن ۽ زونن سان گڏو گڏ پنجاب، بلوچستان، خيبرپختونخواھ ، گلگت بلتستان، قبائلي علائقن ۽ آزاد ڪشمير ۾ به ايم ڪيو ايم جي تمام ڪارڪنن ، ذميوارن ۽ همدردن کي يوم تاسيس جي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ دعا فرمائي ته الله تعالٰي قوم ۽ تحريڪ تي پنهنجو رحم و ڪرم فرمائي ۽ تحريڪ جي تمام شهيدن حق پرستي جي راھ ۾ جيڪي قربانيون ڏنيون آهن انهن جو ڦل تمام محروم ۽ مظلوم ماڻهن کي ملي.
*****