سنڌ هائي ڪورٽ جي طرفان سابق صدر جنرل پرويز مشرف جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ تي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان خير مقدم.
پرويز مشرف سميت اي پي ايم ايل جي تمام ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي دلي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
لنڊن؛ 12 جون 2014
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين سنڌ هائي ڪورٽ جي طرفان سابق صدر جنرل پرويز مشرف جو نالو ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ مان ڪڍڻ ۽ ٻاهرين ملڪ وڃڻ جي درخواست کي منظور ڪرڻ جو خير مقدم ڪيو آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته پرويز مشرف جي والده محترمه ٻاهرين ملڪ ۾ سخت بيمار آهن ۽ انهن جي عيادت ڪرڻ جي لاءِ پرويز مشرف جي طرفان انهن جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جي درخواست ڪئي وئي هئي. جنهن کي اڄ سنڌ هائي ڪورٽ منظور ڪيو آهي. انهن فرمايو ته سنڌ هائي ڪورٽ جو فيصلو سٺو سنوڻ آهي، جنهن تي مان پرويز مشرف سميت اي پي ايم ايل جي تمام ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي دلي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. جناب الطاف حسين پرويز مشرف جي والده محترمه جي علالت تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ انهن جي جلد و مڪمل صحتيابي جي لاءِ دعا به ڪئي آهي.
*****