متحده قومي موومينٽ جي وفد جو قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان ملاقات جي لاءِ لنڊن جي مقامي اسپتال جو دورو،
وفد جي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين تائين پهنچ جي اجازت نه هجڻ جي سبب انهن سان ملاقات نه ٿي سگهي.
لنڊن؛5 جون 2014
متحده قومي موومينٽ جو هڪ وفد قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان ملاقات جي لاءِ لنڊن جي مقامي اسپتال پهتو، وفد ۾ رابطا ڪميٽي جا ميمبرَ قاسم علي رضا، سينيٽر بابر غوري، رابطا ڪميٽي معاون اظهار احمد خان، حق پرست قومي اسيمبلي ميمبر خواجه سهيل منصور، سنڌ اسيمبلي جو حق پرست ميمبر ارشد وهره، شبير قائم خاني ۽ ٻيا به شامل هئا. وفد جا ميمبرَ گلدستي ۽ ڪارڊ سان گڏ جناب الطاف حسين سان ملاقات جي لاءِ اسپتال پهتا پر قائد تحريڪ جناب الطاف حسين تائين پهنچ جي اجازت نه هجڻ جي سبب انهن سان ملاقات نه ٿي سگهي.
*****