جناب الطاف حسين جي جلد رهائي ۽ صحتيابي جي لاءِ انٽرنيشنل سيڪريٽريٽ ۾ شعبه خواتين جي زير اهتمام دعائيه اجتماع.
اجتماع ۾ شعبه خواتين جي انچارج صفيه اڪبر، شهيد انقلاب ڊاڪٽر عمران فاروق جي بيوه شمائله فاروق ۽ ٻين عورتن جي شرڪت.
لنڊن؛ 5 جون 2014
متحده قومي موومينٽ جي شعبه خواتين جي زير اهتمام قائد تحريڪ جناب الطاف حسين کي حراست ۾ وٺڻ ۽ انهن جي علالت تي ايم ڪيو ايم انٽرنيشنل سيڪريٽريٽ لنڊن ۾ دعائيه اجتماع منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ شعبه خواتين جي انچارج محترمه صفيه اڪبر، ڊاڪٽر عمران فاروق شهيد جي بيوه محترمه شمائله فاروق، شعبه خواتين جي ميمبرياڻين ۽ ڪارڪن عورتن شرڪت ڪئي.ان موقعي تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي صحتيابي جي لاءِ مختلف قرآني آيتن جو ورد ڪيو ويو. ان کان پوءِ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي جلد رهائي، صحتيابي، وڏي عمر ۽ مشڪلاتن جي خاتمي جي لاءِ دعائون ڪيون ويون. ان موقعي تي خواتين ڪارڪن جناب الطاف حسين کي حراست ۾ وٺڻ ۽ انهن جي علالت تي وڏي ڏک ۽ صدمي ۾ مبتلا هيون ،اجتماع ۾ خواتين برطانيه جي حڪومت کان جناب الطاف حسين جي فوري طور تي رهائي جو مطالبو به ڪيو.
*****