جناب الطاف حسين جي لاءِ جيڪو ڪجھ ٿي سگهندو اهو ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيون ۽ ڏکئي وقت ۾ گڏ آهيون، بي اين پي سينيٽر محترمه نسيمه احسان، سابق فنانس وزير بلوچستان احسان ۽ عورت فائونڊيشن جي روبينه بروهي جي محترمه نسرين جليل سان ٽيليفون تي ڳالھ ٻولھ.
ڪراچي؛ 5 جون 2014
بلوچستان نيشنل پارٽي جي سينيٽر محترمه نسيمه احسان ، سابق سينيٽر و سابق فنانس وزير بلوچستان احسان ۽ عورت فائونڊيشن جي روبينه بروهي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر محترمه نسرين جليل کي ٽيليفون ڪري جناب الطاف حسين کي لنڊن ۾ حراست ۾ وٺڻ جي واقعي تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪيو،محترمه نسرين جليل سان ڳالھ ٻولھ ڪندي انهن جو چوڻ هو ته جناب الطاف حسين کي لنڊن ۾ حراست ۾ وٺي ڪري انهن جي ڪروڙين چاهڻ وارن ڪارڪنن ۽ عوام جي جذبات کي نه صرف مجروح ڪيو ويو آهي بلڪه انهن ۾ اشتعال به پيدا ڪيو ويو آهي. انهن چيو ته ان ڏکئي وقت ۾ اسان ايم ڪيو ايم سان گڏ آهيون ۽ جناب الطاف حسين جي لاءِ جيڪو ڪجھ ٿي سگهندو اهو ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيون.
*****