رابطا ڪميٽي جي ميمبر سيد شاڪر علي جناب الطاف حسين جي رهائي جي خوشي ۾ حضرت لعل شهباز قلندر جي درگاھ شريف تي حاضري ڏني ۽ جناب الطاف حسين جي طرفان مزار شريف تي گلن جي چادر چڙهائي ۽ دعا ڪئي.
حيدرآباد؛ 8 جون 2014
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر سيد شاڪر علي باني و قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي رهائي جي خوشي ۾ سيوڻ شريف ۾ حضرت لعل شهباز قلندر جي مزار شريف تي حاضري ڏني. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي جو معاون جاويد ڪاظمي، انچارج سنڌ تنظيمي ڪميٽي عمر قريشي ۽ ميمبر،حق پرست ميمبر قومي اسيمبلي وسيم حسين، حق پرست ميمبر سنڌ اسيمبلي صابر قائمخاني ،حيدرآباد زون جا ذميوارَ ۽ ڪارڪنَ به انهن سان گڏ هئا. سيد شاڪر علي حضرت لعل شهباز قلندر جي درگاھ شريف تي جناب الطاف حسين جي طرفان گلن جي چادر چڙهائي ۽ جناب الطاف حسين جي وڏي عمر ۽ صحت و تندرستي جي لاءِ دعا به ڪئي.