عوام ۽ ڪارڪنَ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي رهائي تي الله تعالٰي جي حضور شڪراني جا نفلَ ادا ڪن. رابطا ڪميٽي جي اپيل.
ڪراچي؛8 جون 2014
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي عوام ۽ ڪارڪنن کي اپيل ڪئي آهي ته اهي باني و قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي رهائي تي الله تعالٰي جي حضور شڪراني جا نفل ادا ڪن. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته عوام ۽ ڪارڪنَ شڪراني جي نفلن کان پوءِ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي وڏي عمر، صحت و تندرستي ۽ اچانڪ آفت کان بچاءُ جي لاءِ خصوصي دعائون به ڪن.