Home
 
Altaf Hussain
 
English News
 
Urdu News
Sindhi News
Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
Events
Blogs
Fikri Nishist
Study Circle
Songs
Videos Gallery
Manifesto 2013
Philosophy
Poetry
Online Units
Media Corner
RAIDS/ARRESTS
About MQM
Social Media
Pakistan Maps
Education
Links
Poll
Web TV
Feedback
KKF
Contact Us
ڪفر جي حڪومت ته قائم رهي سگهي ٿي پر ظلم جي حڪومت قائم رهي نه ٿي سگهي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
Posted on: 5/30/2014
آئين ۽ قانون جي ڪهڙي ڪتاب ۾ لکيل آهي ته ايم ڪيو ايم سان تعلق رکڻ واري ماڻهو کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ کان سواءِ ان کي وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻايو وڃي ۽ پوءِ قتل ڪري ان جي تشدد ٿيل لاش کي روڊ تي اڇلايو وڃي.
جيڪڏهن مسلسل ظلم ۽ ڏاڍ جي ڪري عوام جي قوت برداشت جواب ڏيئي وئي ۽ انهن قانون کي پنهنجن هٿن ۾ کڻي ورتو ته ان جي ذميواري ظلم، ڏاڍ ۽ ناانصافي ڪرڻ وارن تي عائد ٿيندي. جناب الطاف حسين.
لنڊن؛30 مئي 2014
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته ڪفر جي حڪومت ته قائم رهي سگهي ٿي پر ظلم جي حڪومت قائم رهي نه ٿي سگهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين حضرت علي عليه السلام جي درس ۽ تعليمات جو حوالو ڏيندي فريامو ته حضرت علي عليه السلام امت مسلمه کي مخاطب ڪندي واضع لفظن ۾ فرمايو هو ته حڪومتون ڪفر سان ته هلي سگهن ٿيون پر ناانصافي، ٻٺي معيار، مٽي مائٽي ، پسند ناپسند۽ ظلم ۽ ڏاڍ سان قائم رهي نه ٿيون سگهن. انهن وڌيڪ
2
فرمايو ته الله تعالٰي قرآن پاڪ ۾ سوره حجرات ۾ واضع ارشاد فرمايو آهي ته اي انسانو اسان توهان کي هڪ مرد ۽ هڪ عورت مان پيدا ڪيو آهي ۽ پوءِتوهان کي قومن، قبيلن ۽ ٽولن ۾ ورهايو ته جيئن توهان جي پاڻ ۾ سڃاڻپ ٿي سگهي پر الله تعالٰي وٽ توهان مان افضل ۽ اعلٰي اهو هوندو جيڪو متقي ۽ پرهيزگار هوندو. انهن ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي بغير ڪنهن جواز جي گرفتارين جو تذڪرو ڪندي فرمايو ته آئين ۽ قانون جي ڪهڙي ڪتاب ۾ لکيل آهي ته ايم ڪيو ايم سان تعلق رکڻ واري ماڻهو تي ڪوئي الزام عائد هجي ته ان کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ کان سواءِ ان کي وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻايو وڃي ۽ ان کي قتل ڪري ان جي تشدد ٿيل لاش کي روڊ تي اڇلايو وڃي. انهن وڌيڪ فرمايو ته وزير اعظم ميان نواز شريف جي مسلم ليگ هجي يا ملڪ جون ٻيون مذهبي ۽ سياسي جماعتون هجن، جيڪڏهن اهي کلي عام جديد ترين هٿيارن جي آزادي سان نمائش ڪن بلڪه خوشي ۽ ڏک جي موقعي تي هزارين رائونڊ فائر به ڪن ته انهن جي باري ۾ حڪومت، آئي ايس آئي ، ايم آئي ،آئي بي ، ايف آئي اي، وفاقي ۽ صوبائي وزارت داخله ، رينجر، اسپيشل برائچ ۽ ٻيا ادارا انهن کي گرفتار ڪرڻ کان پهرين ئي اهو موقف اختيار ڪن ٿا ته انهن جا هٿيار قانوني آهن ۽ اهي خوشي يا غم ملهائي رهيا هئا. انهن فرمايو ته جيتري لاقانونيت ۽ جديد خطرناڪ هٿيارن جو آزادي سان استعمال پنجاب ۾ ڪيو وڃي ٿو اهڙي طرح هٿيارن جو استعمال ۽ نمائش ٻئي ڪنهن به صوبي ۾ نه ٿي ڪئي وڃي. پر ان جي باوجود پنجاب ۾ ڪنهن به جماعت کي دهشت گرد جماعت قرار نه ٿو ڏنو وڃي ڇو ته انهن جماعتن سان تعلق رکڻ وارا ماڻهو هن زمين جا اصل پٽ آهن. انهن فرمايو ته ننڍي چونڊ جي موقعي تي پنجاب ۾ جيڪا بدتميزي ڪئي وئي جيڪڏهن اهڙي بدتميزي جو ڏهون حصو به ڪراچي ۾ ٿئي ها ته ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي هڪ هڪ سيڪٽر ۽ يونٽ آفيس تي نه صرف غير قانوني چاپا هنيا وڃن ها بلڪه ڪارڪنن جي گهرن تي به چاپا هنيا وڃن ها ۽ ڪارڪنن جي نه ملڻ تي انهن جي پوڙهن والدين ۽ ٻين مٽن مائٽن کي گرفتار ڪيو وڃي ها. انهن فرمايو ته جيڪڏهن اقتداررکندڙ ڌرين کي انصاف جي ٻٺي معيار کي اهڙي طرح ئي جاري رکڻو آهي ته پوءِ مان ان دعا کان سواءِ ٻيو ڇا ٿو ڪري سگهان ته الله تعالٰي پاڪستان تي پنهنجو رحم
3
فرمائي. ماڻهن کي سچ ۽ ڪوڙ جي سمجهڻ جي توفيق عطا فرمائي ۽ انهن کي انصاف سان گڏو گڏ فيصلي ڪرڻ جي به صلاحيت عطا فرمائي . انهن فرمايو ته اسان ناانصافين ۽ ظلم جي باوجود گهڻي وقت کان صبر جو دامن جهلي بيٺا آهيون پر جيڪڏهن مسلسل ظلم جي ڪري عوام جي قوت برداشت جواب ڏيئي وئي ۽ انهن اسان جي صبر جي اپيلن کي رڌ ڪندي قانون پنهنجن هٿن ۾ کڻي ورتو ته ان جي ذميواري صرف ۽ صرف ظلم ۽ ڏاڍ ڪرڻ وارن ماڻهن تي عائد ٿيندي، ظلم جو نشانو بڻجڻ وارن تي هرگز به عائد نه ٿيندي.آخر ۾ جناب الطاف حسين سرڪار دو عالم صلي الله عليه وسلم جي هڪ اهم حديث مبارڪ بيان ڪندي فرمايو ته صحابه ڪرام نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جي خدمت ۾ حاضر ٿي ڪري عرض ڪيو ته ڇا پنهنجي قوم سان محبت ڪرڻ تعصب آهي؟جنهن تي نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم فرمايو ته پنهنجي قوم سان محبت ڪرڻ تعصب نه آهي. صحابه ڪرام ٻيهر عرض ڪيو ته يا رسول الله صل الله عليه وسلم ته پوءِ تعصب ڇا آهي؟ان تي نبي پاڪ صل الله عليه وسلم ارشاد فرمايو ته جڏهن توهان پنهنجي قوم جي غلط ڪمن، ان جي ناانصافين ۽ ظلمن ۾ ان جو ساٿ ڏيو ته ان کي تعصب چيو ويندو.
7/2/2025 5:49:28 AM
تنظیم نو کے سلسلے میں ایم کیوایم کے تین سینئرذمہ داروں کفیل صدیقی،مطل
...
30 Jun 2025
مخصوص نشستوں کے کیس میں سپریم کورٹ کے آئینی بینچ فیصلے کے بعدپاکستان
...
28 Jun 2025
مخصوص نشستوں کے کیس میں سپریم کورٹ کے آئینی بینچ کا فیصلہ پاکستان کی ع
...
27 Jun 2025
دریائے سوات میں خطرناک سیلابی ریلے میں ایک ہی خاندان کے 18افراد کے ب
...
27 Jun 2025
اقوام متحدہ مظلوم فلسطینیوں سمیت تمام کمزور قوموں پر ہونے والے تشددکے
...
26 Jun 2025
پاکستان کی جانب سے امریکہ کے صدرڈونلڈٹرمپ کیلئے امن کے نوبل پرائزکی سف
...
23 Jun 2025
ایران پر امریکہ کاحملہ وحشیانہ ، ظالمانہ اور ننگی جارحیت کی بدترین مثا
...
22 Jun 2025
امریکہ کے صدر ڈونلڈ ٹرمپ سے پاکستان کی فوج کے سربراہ فیلڈ مارشل عاصم م
...
20 Jun 2025
مہاجروں کے ساتھ ظالمانہ سلوک اور ناانصافیوںکاخاتمہ کیا جائے اور انہیں
...
17 Jun 2025
میں ایران کے صدراور اعلیٰ حکومتی حکام سے اپیل کرتاہوں کہ اگروہ ایران ک
...
15 Jun 2025
Muttahida Quami Movement (MQM) Copyright © 2014 (ver 3.0)
Home
Videos Gallery
Links
KKF
Feedback
Altaf Hussain
Photo Gallery
Study Circle
Online Units
Media Corner
News Archive
Manifesto 2013
Fikri Nishist
Songs
Social Media
Urdu News
Philosophy
Poetry
Education
Web TV
Events
RAIDS/ARRESTS
Poll
Pakistan Maps
Contact us