قائد تحريڪ سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ پنجاب هائوس لاهور ۾ ڪارڪنن پنهنجي رت سان ڏيئا روشن ڪيا.
لاهور؛ 26 مئي 2014
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ ايم ڪيو ايم پنجاب هائوس لاهور ۾ ذميوارن ۽ ڪارڪنن پنهنجي رت سان ڏيئا روشن ڪيا ۽ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان پنهنجي عقيدت ۽ محبت جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي ڪارڪنن جو چوڻ هو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين اسان جو قائد ئي نه بلڪه اسان جو رهبر و رهنما به آهن اسان ڪالھ به جناب الطاف حسين سان گڏ هئاسين ۽ اڄ به انهن سان گڏ آهيون ۽ مستقبل ۾ به انهن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي گڏ بيٺا هونداسين ۽ انهن تي ايندڙ ڪنهن به مصيبت جو سامنو سڀني کان پهرين ڪارڪن ڪندا.