Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ مولانا محمد طيب طاهري جي ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي سان ملاقات.


 Posted on: 5/26/2014
قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ مولانا محمد طيب طاهري جي ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي سان ملاقات.
جناب الطاف حسين هميشه حق ۽ سچ جي ڳالھ ڪئي آهي ۽  انهي جي ڏوھ ۾ انهن کي مشڪلاتن ۽ سازشن جو سامنوڪرڻو پئجي رهيو آهي. ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي.
ڪراچي؛ 26 مئي 2014
           جماعت اشاعت توحيد سنت پاڪستان جي امير ۽ ممتاز مذهبي اسڪالر مولانا محمد طيب طاهري رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي سان ملاقات ڪئي.ان موقعي تي حق پرست صوبائي وزير رئوف صديقي به موجود هئا،انهن پنهنجي جماعت جي طرفان قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ مولانا محمد طيب ڳالھ ٻولھ ڪندي چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين خلافت راشده جي متعلق جيڪو بيان جاري ڪيو آهي ان بيان جي ڪري مان جناب الطاف حسين جو چاهيندڙ ٿي ويو آهيان ۽ مان انهن جي مڪمل فڪري ۽ عملي حمايت جو اعلان ڪريان ٿو، انهن تمام عالمن سڳورن ۽ مسلمانن کي اپيل ڪئي ته اهي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي اعلان تي لبيڪ چوندي انهن جو ساٿ ڏين.ان موقعي تي ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي مولانا محمد طيب جي نائن زيرو آمد تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان انهن جو خير مقدم ڪيو ۽ جناب الطاف حسين سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ تي مولانا طاهري جو شڪريو ادا ڪيو. انهن چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين هميشه حق ۽ سچ جي ڳالھ ڪئي آهي ۽ انهي ڏوھ ۾ انهن کي هميشه مشڪلاتن جو سامنو ڪرڻو پيو آهي پر قائد تحريڪ جناب الطاف هميشه انهن جو ڄمي ڪري مقابلو ڪيو آهي.


5/4/2024 1:06:15 AM