Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

حق پرست شهيدَ تحريڪ جو قيمتي سرمايو آهن، جن باطل قوتن جي اڳيان پنهنجو سر جهڪائڻ جي بجاءِ پنهنجين قيمتي جانين جو نذرانو پيش ڪري تحريڪ کي جِلا(روشني) بخشي آهي.جناب الطاف حسين.


 Posted on: 5/26/2014
حق پرست شهيدَ تحريڪ جو قيمتي سرمايو آهن، جن باطل قوتن جي اڳيان پنهنجو سر جهڪائڻ جي بجاءِ پنهنجين قيمتي جانين جو نذرانو پيش ڪري تحريڪ کي جِلا(روشني) بخشي آهي.جناب الطاف حسين.
سانحه پڪا قلعه حيدرآباد جي شهيدن جي 24 هين ورسي جي موقعي تي شهيدن کي زبردست خراج عقيدت پيش.
لنڊن؛ 26 مئي 2014
          متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين سانحه پڪا قلعه حيدرآباد جي شهيدن کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪندي فرمايو آهي ته ايم ڪيو ايم حق پرست شهيدن جي قربانين کي هرگز به رائيگان وڃڻ نه ڏيندي.سانحه پڪا قلعه حيدرآباد جي شهيدن جي 24 هين ورسي جي موقعي تي پنهنجي هڪ بيان ۾ انهن فرمايو ته حق پرست شهيدَ تحريڪ جو قيمتي سرمايو آهن جن باطل قوتن جي اڳيان پنهنجو سر جهڪائڻ جي بجاءِ پنهنجين قيمتي جانين جو نذرانو پيش ڪري تحريڪ کي روشني بخشي آهي، انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم جون تاريخ ساز ڪاميابيون حق پرست شهيدن جي قربانين جي صدقي ئي آهن ۽ جنهن نيڪ مقصد جي خاطر حق پرست شهيدن پنهنجين جانين جا نذرانا پيش ڪيا آهن ايم ڪيو ايم ان مشن و مقصد کي منزل تي ضرور پهچائيندي. جناب الطاف حسين سانحه پڪا قلعه حيدرآباد جي شهيدن کي دل جي گهرائين سان خراج عقيدت پيش ڪندي دعا فرمائي ته الله تعالٰي سانحه پڪا قلعه حيدرآباد سميت تمام حق پرست شهيدن جا درجات بلند فرمائي ، تمام شهيدن کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ شهيدن جي پونئرن کي صبر جميل عطا فرمائي. آمين.
****

5/4/2024 5:27:24 AM