Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

جناب الطاف حسين سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ منعقد ٿيندڙ عوامي سمنڊ اٿلندو ته تباهي نه بلڪه تعميري تبديلي ضرور آڻيندو.ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي.


 Posted on: 5/25/2014
جناب الطاف حسين سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ منعقد ٿيندڙ عوامي سمنڊ اٿلندو ته تباهي نه بلڪه تعميري تبديلي ضرور آڻيندو.ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي.
جناب الطاف حسين سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ عوامي عدالت برطانيه جي حڪومت تي مقدمو قائم ڪري چڏيو آهي. ڊاڪٽر فاروق ستار.
وزير اعظم ڊيوڊ ڪيمرون کي اپيل آهي ته جناب الطاف حسين جي ڳالھ کي ٻڌو وڃي ۽ انهن جي مشڪلاتن کي آسان ڪيو وڃي. حيدر عباس رضوي.
ايم اي جناح روڊ تبت سينٽر تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ منعقد ڪيل تاريخي ۽ بي مثال ريلي کي خطاب.
ڪراچي؛ 25 مئي 2014
           متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو آهي ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي بنيادي حقن کي سلب ٿيڻ نه ڏنو ويندو. ايم اي جناح روڊ تي جناب الطاف حسين سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ جمع ٿيندڙ عوامي سمنڊ اٿلندو ته تباهي نه بلڪه  تعميري تبديلي ضرور آڻيندو، ڇو ته اهو ڪوئي سونامي نه آهي بلڪه اهو تبديلي جو سمنڊ آهي . انهن خيالن جو اظهار انهن ايم اي جناح روڊ تبت سينٽر تي جناب الطاف حسين سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ منعقد ڪيل تاريخي ۽ بي مثال ريلي جي لکين شرڪاء کي خطاب ڪندي ڪيو . ان تاريخي ريلي ۾ مختلف قومن ، مذهبن ۽ اقليتن جي ماڻهن ،عالمن سڳورن، ڊاڪٽرن، وڪيلن، صحافين ۽ زندگي جي  
مختلف شعبن سان تعلق رکڻ وارن ماڻهن لکن جي تعداد ۾ شرڪت ڪئي جن پنهنجن هٿن ۾ پاڪستان ۽ ايم ڪيو ايم جا جهنڊا کنيا هئا ۽ اهي جناب الطاف حسين سان بي پناھ عقيدت ۽ محبت جو اظهار ڪري رهيا هئا ۽ وڏا وڏا نعرا هڻي رهيا هئا. ريلي کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو ته اهو عظيم الشان عوام جو سمنڊ خبر نه آهي ته ڪيستائين موجود آهي ، بندر روڊ توهان کي مبارک هجي ،ايم اي جناح روڊ توهان کي مبارڪ هجي جو اوهان اسان جي تاريخ هيو ،آهيو ۽ رهندو. پر اڄ هڪ ٻيو تاريخ جو باب هتي کليو آهي اهو روڊ جيڪو ساھ جي رڳ آهي ، قائد اعظم جي نسبت سان قائم رهندڙ روڊ جناب الطاف حسين جي نالي وٺندڙن سان سينگاريل آهي. انهن چيو ته قائد اعظم جي مشعل قائد ملت ۽ اڄ قائد تحريڪ جي هٿن ۾ آهي اسان بار بار چئون ٿا ته پاڪستان بڻايو هو ۽ هاڻي پاڪستان بچائينداسين. انهن چيو ته اڄ جو اهو 20 لکن جو ميڙ الطاف حسين جي پنهنجن ماڻهن جو ميڙ آهي اسان برطانوي حڪومت کي اهو چوڻ چاهيون ٿا ته قائد تحريڪ جو اهو ڏوھ آهي جو جيئن اوهان جي ملڪ ۾ امن آهي اهڙي طرح منهنجي ملڪ ۾ امن هجي ، جهڙي طرح اوهان جي ملڪ ۾ جمهوريت آهي پاڪستان ۾ به جمهوريت هجي ته پوءِ اوهان اسان کي ڪهڙي ڏوھ جي سزا ڏيئي رهيا آهيو .انهن چيو ته جناب الطاف حسين ڪڏهن به ڪجھ نه ورتو آهي بلڪه ڏنو آهي ، نالو، سڃاڻ ۽ گمراھن کي رستو ڏيکاريو آهي ۽ حقَ وٺڻ جو شعور ڏنو آهي. انهن چيو ته جناب الطاف حسين جا حق ڇڻڻ نه ڏينداسين. ان کان اڳ به ظالم قوتن هر دور ۾ ائين ئي ڪيو آهي ته جناب الطاف حسين کي سچ ڳالهائڻ جي سزا ڏني پئي وڃي. جناب الطاف حسين هن دور جا سقراط آهن ۽ اهي زهر جو پيالو ته پي سگهن ٿا پر سچ ڳالهائڻ کان مُڙي نه ٿا سگهن. انهن چيو ته جناب الطاف حسين امر آهن ۽ تاريخ ۾ موجود رهندا. ڇو ته توهان هڪ حق پرست ڪجھ صديون اڳ به شهيد ڪيو هو پر تاريخ ۾ ٽيپو سلطان جي نالي سان اهو زنده رهيو.انهن پاڪستان آرمي کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته ڪيڏي نه خوش نصيب فوج آهي جنهن جي هر اول دستي جي لاءِ جناب الطاف حسين جي دستي جا 20 لک ماڻهو هتي موجود آهن. رابطا ڪمٽي ميمبر ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته اسان ماضي ۾ به ملڪ جي استحصالي نطام جي خلاف ريليون ، مظاهرا ۽ جلساڪيا آهن اسان هن مهل تائين جيڪي ريليون ڪڍيون اهي ڪارن انگريزن جي ظلم جي خلاف هيون پر اڄ جي ريلي گورن انگريزن جي ظلم ۽ ناانصافي جي خلاف آهي. انهن چيو ته جناب الطاف حسين پاڪستان جي استحڪام ۽ سلامتي جي ضمانت آهن پر اڄ جناب الطاف حسين کي اهو ڪردار ادا ڪرڻ کان روڪيو پيو وڃي ۽ لنڊن ۾ انهن جا بينڪ اڪائونٽ به بند ڪيا پيا وڃن. ان جي ڪري اڄ ايم اي جناح روڊ تي هڪ عدالت لڳي آهي ۽ ان لکين ماڻهن جي عدالت به اهو فيصلو ڏيئي ڇڏيو آهي ته ناانصافي پاڪستان يا برطانيه ۾ هجي اسان پنهنجي آزادي جي تحفظ کي چڱي نموني ڄاڻيون ٿا ۽ ان ظلم ۽ ناانصافي جي خلاف به انشاء الله تعالٰي پرامن ۽ جمهوري جدوجهد کي ان وقت تائين جاري رکنداسين جيستائين برطانيه ۾ ٿيندڙ ناانصافي ۽ ظلم جو سلسلو بند نه ٿو ٿي وڃي. انهن برطانيه جي وزير اعظم ڊيوڊ ڪيمرون کي باور ڪرائيندي سوال ڪيو ته جيڪڏهن متحده قومي موومينٽ پوليس جي تحقيق ۾ تعاون ڪري رهي آهي ته پوءِ جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم جي مختلف رهنمائن کي برطانيه ۾ ڇو خوف زده ڪيو پيو وڃي، انهن چيو ته ڪوئي به مقدمو درج نه ٿيو آهي ، ڪوئي ڏوھ ٿابت نه ٿيو آهي ۽ ڪوئي به فيصلو اڃان تائين عدالت کان نه آيو آهي ته پوءِ جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم جا بينڪ اڪائونٽ ڇو بند ڪيا پيا وڃن ؟ انهن چيو ته اڄ عوامي عدالت برطانيه جي حڪومت تي مقدمو قائم ڪري چڏيو آهي ۽ پرامن احتجاج ريڪارڊ ڪرائي جناب الطاف حسين سان يڪجهتي جو اظهار ڪري چڏيو آهي . انهن چيو ته 11 سالن جي نياڻي افضاء الطاف حسين جو آئي پيڊ ۽ ڪيميرا مني لارڊنگ ڪيس ۾ کنيو ويو ان جو ڪيس سان ڪهڙو تعلق بڻجي ٿو ؟سکا جمع ڪرڻ جناب الطاف حسين جو ننڍپڻ جو شوق آهي ته انهن جي سکن سان ڀريل شيشي جا ڀانڊارا به مني لارڊنگ ڪيس ۾ کڻي ويا آهن ڇا برطانيه ۾ سکا جمع ڪرڻ ڏوھ آهي . انهن برطانيه ۾ 12 هين صدي ۾ پاس ٿيندڙ ميگنا ڪاٽا قانون جو حوالو ڏيندي چيو ته برطانيه ميگنا ڪاٽا جي مطابق انساني حقن جي اصولن تي عمل ڪري ٿو پر جناب الطاف حسين سان  ناروا سلوڪ ڪري برطانوي حڪومت ميگنا ڪاٽا جي به خلاف ورزي ڪري رهي آهي.رابطا ڪميٽي ميمبر حيدر عباس رضوي چيو ته ايم ڪيو ايم جا سچا ۽ وفادار ڪارڪن باني و قائدتحريڪ جناب الطاف حسين کي يڪجهتي ريلي ۾ دل جي گهرائين سان خراج تحسين پيش ڪن ٿا. انهن چيو ته جناب الطاف حسين جي ديوانن ۽ پروانن جو اهو جلسو ثابت ڪري رهيو آهي ته گهٽ ۾ گهٽ پاڪستان ۾ ڪوئي به سياسي رهنما جناب الطاف حسين کان سواءِ اهڙو نه آهي جنهن جا چاهڻ وارا پنهنجي قائد تي اهڙي طرح مرندا هجن ۽ جانيون ڏيڻ جي لاءِ تيار هجن، انهن وزير اعظم ڊيوڊ ڪيمرون کي اپيل ڪئي ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين هن ملڪ جي واحد سيڪيولر ۽ سياسي جماعت جا رهنما آهن انهن جي ڳالھ کي ٻڌو وڃي ۽ انهن جي مشڪلاتن کي آسان ڪيو وڃي. حق پرست سينيٽر مولانا تنوير الحق ٿانوي  چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين مذهبي حوالي سان ۽ هڪ مولوي جي آواز سان انهن جو ڪهڙو مرتبو ۽ مقام آهي مان ان کي پنهنجي زبان سان پيش ڪندس ۽ مون کي ڪنهن ڊڪٽيشن نه ڏني آهي.مان پنهنجين اکين سان ڏٺو آهي ته ان جماعت ۾ ڪنهن تي ڪائي به روڪ ٺوڪ نه آهي الله تعالٰي انهن کي ان عمل کان بچايو آهي.سينٽرل ايگزيڪٽو ڪائونسل جي ميمبر بيرسٽر سيف چيو ته جڏهن دنيا ۾ فرعون، نمرود ۽ يزيد پيدا ٿين ٿا ته موسٰي، ابراهيم ۽ حضرت امام حسين به پيدا ٿين ٿا ۽ جڏهن ملڪ ۾ ظلم ۽ ڏاڍ جو سلسلو وڌي ٿو ته هڪ الطاف حسين به پيدا ٿئي ٿو . انهن چيو پاڪستان  ۾ رهندڙ ڪارا انگريز ڪجھ نه ٿا بگاڙي سگهن  ته انشاء الله تعالٰي گورا انگريز به برطانيه ۾ ڪجھ به بگاڙي نه سگهندا. نبيل گبول چيو ته جناب الطاف حسين جا بينڪ اڪائونٽ انهن جي عوامي طاقت آهي ۽ انهن جا برطانيه ۾ اڪائونٽ بند ڪرڻ سان ڪوئي به فرق نه ٿو پوي. صوبائي وزير فيصل سبزواري چيو ته هر سوال جو جواب الطاف حسين جو نعرو اسان ان جي ڪري هڻندا آهيون جو ملڪ جي مسئلن جو حل جيڪڏهن ڪنهن وٽ موجود آهي ته اهو جناب الطاف حسين آهي . تجزيه نگار مقتدا منصور چيو ته مان گذريل 35 سالن کان ايم ڪيو ايم تي تنقيد ڪندڙ جي حيثيت جائزو وٺندو رهيو آهيان، ايم ڪيو ايم تي لڳندڙ الزامن جو مشاهدو ڪيو ۽ محسوس ڪيو ته ڪهڙي ڳالھ آهي جو اهي الزام لڳي رهيا آهن ۽ حقيقتون ڇا آهن ، انهن چيو ته برطانوي دور ۾ هڪ شخص پيدا ٿيو جنهن جو نالو قائد اعظم هو ۽ اسان جي بزرگن ان کي پنهنجو قائد تسليم ڪيو ۽ اهڙي طرح ڪراچي شهر ۾ هڪ ٻار پيدا ٿئي ٿو جنهن جو نالو الطاف حسين رکيو وڃي ٿو ، اهو ٻار اهو ئي آهي جنهن قائد اعظم جي پوکيل ٻوٽي کي انهن جي نظرئي جي مطابق اڳتي وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي . ڪالم نگار آغا مسعود چيو ته جناب الطاف حسين کي بي توقير ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي پر حقيقت اها آهي ته جناب الطاف حسين کي بي توقير ڪرڻ وارا پاڻ پنهنجي عزت وڃائي رهيا آهن . ريلي کي صوبائي وزير رئوف صديقي، غازي صلاحح ح الدين، سنڌ اسيمبلي ميمبر وقار حسين شاھ، هندو برادري سان تعلق رکندڙ منگلا شرما ۽ بشپ صادق به خطاب ڪيو

5/3/2024 11:26:37 PM