سڄي ملڪ جو مزدور طبقو 25 مئي تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان ٿيندڙ يڪجهتي ريلي ۾ ڀرپور شرڪت ڪري ان کي ڪامياب بڻائي. ايم ڪيو ايم ليبر ڊويزن جي اپيل.
ڪراچي؛ 23 مئي 2014
متحده قومي موومينٽ ليبر ڊويزن جي انچارج ڪاظم رضا سڄي ملڪ جي مزدور طبقي کي اپيل ڪئي آهي ته اهي 25 مئي تبت سينٽر ڪراچي ۾ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان ٿيندڙ يڪجهتي ريلي ۾ ڀرپور شرڪت ڪري ان کي ڪامياب بڻائين،ڪاظم رضا چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين هميشه ملڪ جي غريب، ڏتڙيل ۽ مزدورطبقي جي حقن جي لاءِ جدوجهد ڪئي آهي ۽ آواز بلند ڪئي آهي.انهن مزدور يونين جي ذميوارن ۽ ليبرڊويزن جي ذميوارن کي چيو ته اهي پنهنجن مزدور ڀائرن وٽ وڃي ڪري انهن کي جناب الطاف حسين جي خلاف ٿيندڙ عالمي سازشن جي باري ۾ آگاھ ڪن ۽ انهن کي 25 مئي تي ٿيندڙ ريلي ۾ شرڪت جي دعوت ڏين ،انهن چيو ته مزدور ڀائر ثابت ڪري ڇڏين ته مزدور طبقو جناب حسين سان محبت ڪرڻ ۾ ڪنهن به طرح پٺتي نه آهي.
****