سينيئر اينڪر پرسن ڊاڪٽر دانش جي والده محترمه جي علالت تي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان ڳڻتي جو اظهار ۽ صحتيابي جي لاءِ دعا.
لنڊن؛ 23 مئي 2014
متحده قومي مووممينٽ جي قائد جناب الطاف حسين سينيئر اينڪر پرسن ڊاڪٽر دانش جي والده محترمه جي علالت تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي ۽ دعا ڪئي آهي ته الله تعالٰي انهن کي مڪمل صحت عطا فرمائي ۽ وڏي عمر عطا فرمائي. جناب الطاف حسين ڪارڪنن ۽ عوام کي اپيل ڪئي ته اهي ڊاڪٽر دانش جي والده محترمه جي صحتيابي جي لاءِ خصوصي دعائون ڪن .
****