Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

حق پرست سينيٽر نسرين جليل جو پاڪستان سک برادري جي نگران سردار رميش سنگھ سان ٽيليفون تي رابطو.


 Posted on: 5/23/2014
حق پرست سينيٽر نسرين جليل جو پاڪستان سک برادري جي نگران سردار رميش سنگھ سان ٽيليفون تي رابطو.
انهن اندرون سنڌ خصوصن شڪارپور ضلع ۾ سک برادري جي مقدس هنڌن جي بي حرمتي ڪرڻ جي واقعن تي افسوس جو اظهار ڪيو.
جناب الطاف حسين هميشه هڪ ٻئي سان محبت ۽ اقليتن جي احترام جو درس ڏنو آهي. سينيٽر نسرين جليل.
ڪراچي؛ 23 مئي 2014
           متحده قومي موومينٽ جي سينيٽر نسرين جليل پاڪستان سک ڪائونسل جي نگران سردار رميش سنگھ سان ٽيليفون تي ڳالھ ٻولھ ڪئي ۽ اندرون سنڌ خصوصن شڪارپور ضلع ۾ گردواري کي باھ ڏيئي ڪري ساڙڻ جي واقعي تي افسوس جو اظهار ڪيو . سينيٽر نسرين جليل چيو ته ايم ڪيو ايم سک برادري جي مقدس ڪتابن ۽ مذهبي ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪري ٿي ۽ سک برادري سان مڪمل همدردي جو اظهار ڪري ٿي. انهن چيو ته اسلام امن ۽ سلامتي جو مذهب آهي جيڪو پنهنجي مڃڻ وارن کي ٻين مذهبن جي احترام جو درس ڏيئي ٿو ۽ انتها پسندي جي خلاف آهي. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين هميشه هڪ ٻئي سان محبت ۽ اقليتن جي احترام جو درس ڏنو آهي. سردار رميش سنگھ همدردي جو اظهار ڪرڻ تي جناب الطاف حسين جو شڪريو ادا ڪيو ۽ ايم ڪيو ايم کي سک برادري جي طرفان هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي.حق پرست سينيٽر وزير اعظم ميان نواز شريف ، وفاقي وزير داخله چوڌري نثار علي خان، اقليتي امور جي وفاقي وزير سردار محمد يوسف، گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد ۽ وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ ۽ لاڳاپيل اعلٰي آفيسرن کان مطالبو ڪيو ته اهي شڪارپور ۾ سک برادري جي مقدس هنڌن ۽ ڪتابن جي بي حرمتي ڪرڻ جو نوٺس وٺن ۽ ان انتها پسندي ۾ ملوث ماڻهن کي گرفتار ڪري عبرتناڪ انجام تائين پهچائن ۽ ان قسم جي واقعن جي روڪٿام جي لاءِ خصوصي انتطام ڪيا وڃن ۽ سڄي ملڪ جي اقليتي برادري کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.
*

5/4/2024 2:52:05 AM