Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

دهشت گردي جي روڪٿام جي لاءِ عوام پنهنجي مدد پاڻ جي تحت هر هڪ گهٽي ۽ پاڙي ۾ چوڪيداري نظام قائم ڪن. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي اپيل.


 Posted on: 5/23/2014
دهشت گردي جي روڪٿام جي لاءِ عوام پنهنجي مدد پاڻ جي تحت هر هڪ گهٽي ۽  پاڙي ۾ چوڪيداري نظام قائم ڪن. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي اپيل.
عوام مشڪوڪ ماڻهن ، مشڪوڪ شين ۽ ٻين مشڪوڪ سرگرمين تي نظر رکن ۽ ڪنهن به مشڪوڪ ماڻهو يا شي جي اطلاع فوري طور تي پوليس يا ٻين سيڪيورٽي ادارن کي ڏين.
وزيرستان کان لڏپلاڻ ڪندڙن جي سخت چيڪنگ ۽ اسڪيننگ ڪئي وڃي ته جيئن لڏپلاڻ ڪندڙن جي آڙ ۾ دهشت گردن جي اچ وڃ  کي روڪي سگهجي.رابطا ڪميٽي.
ڪراچي؛23 مئي 2014
          متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي عوام ۽ ڪارڪنن کي اپيل ڪئي آهي ته اهي دهشت گردي جي وڌندڙ واقعن جي روڪٿام جي لاءِ پنهنجي مدد پاڻ جي تحت هر هڪ گهٽي ۽ پاڙي ۾ چوڪيداري نظام قائم ڪن ۽ ويجلينس ڪميٽيون تشڪيل ڏيئي ڪري عوام جي جان و مال جي تحفظ جي لاءِ قومي فرض انجام ڏين. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته پاڪستان هن وقت اندرين ۽ ٻاهرين خطرن ۾ وڪوڙيل آهي ۽ وڏي نازڪ دور کان گذري رهيو آهي ، فوج شمالي وزيرستان ۾ انتها پسند دهشت گردن سان نڀرڻ جي لاءِ جاني قربانيون ڏيئي رهي آهي ، دهشت گردن جي خلاف ڪاروائي جي ڪري دهشت گردن جي طرفان دهشت گردي جي ڪاروائين جا خطرا وڌي ويا آهن.
انهن حالتن ۾ قوم جي هڪ هڪ ماڻهو تي لازم آهي ته اهي پنهنجي ذميواري کي محسوس ڪندي دهشت گردي جي خاتمي جي لاءِ پوليس، رينجر ۽ سيڪيورٽي فورسز سان ڀرپور تعاون ڪن ۽ ملڪ و قوم جي سلامتي جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.رابطا ڪميٽي عوام کي پرزور اپيل ڪئي ته اهي دهشت گردي  جي روڪٿام جي لاءِ پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ بزرگن ۽ نوجوانن تي ٻڌل محله ڪميٽيون بڻائين، مشڪوڪ ماڻهن ۽ مشڪوڪ شين تي ڪڙي نظر رکن ، پوليس ۽ رينجر سميت ٻين سيڪيورٽي ادارن جا ايمرجنسي فون نمبرَ پاڻ وٽ رکن ۽ ڪنهن به مشڪوڪ ماڻهو يا سرگرمي جي اطلاع فوري طور تي پوليس يا ٻين سيڪيورٽي ادارن کي ڏين، رابطا ڪميٽي حڪومت ۽ قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن کان مطالبو ڪيو ته اهي وزيرستان کان لڏ پلاڻ ڪندڙن جي سخت چيڪنگ ۽ اسڪيننگ ڪن ته جيئن لڏ پلاڻ ڪندڙن جي آڙ ۾ دهشت گردن جي اچ وڃ کي روڪي سگهجي.

5/4/2024 1:52:52 AM