Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم ڪينيدا جو 25 مئي تبت سينٽر تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان ٿيندڙ اظهار يڪجهتي ريلي جو ڀرپور خيرمقدم.


 Posted on: 5/22/2014
ايم ڪيو ايم ڪينيدا جو 25 مئي تبت سينٽر تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان ٿيندڙ اظهار يڪجهتي ريلي جو ڀرپور خيرمقدم.
عوام پنهنجي عزم ۽ حوصلن سان جناب الطاف حسين ڏانهن وڌندڙ هر ناپاڪ قدم کي روڪيندا.ايم ڪيو ايم ڪينيدا.
ڪينيدا؛22 مئي 2014
           متحده قومي موومينٽ ڪينيڊا جي سينٽرل آرگنائيزر آصف قاضي چيو آهي ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين پاڪستان ۾ وسندڙ محروم ۽ مظلوم طبقي جي عوام جي واحد اميد آهن ۽ سڄي ملڪ جون قومون ، مذهبن ۽ طبقي جا ماڻهو جناب الطاف حسين جي قيادت ۾ متحد آهن ۽ ايم ڪيو ايم ڪينيڊا25 مئي بروز آچر تي  پاڪستان ۾ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ ٿيندڙ ريلي جي ڀرپور حمايت ڪري ٿي، انهن خيالن جو اظهار انهن ٽورنٽو ۾ ڪينيڊا جي ڪارڪنن جي هنگامي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. انهن چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين   ۽ ايم ڪيو ايم ملڪ جي ترقي جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن ۽ اڄ سڄي دنيا ۾ جناب الطاف حسين جا چاهڻ وارا انهن سان تمام گهڻي محبت ڪن ٿا ۽ اهي جناب الطاف حسين جي خلاف ڪنهن به سازش کي برداشت نه ڪندا ۽ پنهنجي همت ۽ حوصلن سان جناب الطاف حسين ڏانهن وڌندڙ هر ناپاڪ قدم کي روڪيندا.انهن چيو ته ايم ڪيو ايم ملڪ جي واحد جماعت آهي جنهن جاگيرداراڻه، وڏيراڻه ۽ فرسوداڻه نظام کي چيلنج ڪيو آهي ۽ انهي جي ڪري ايم ڪيو ايم جي خلاف شروع کان ئي سازشون ڪيون پيون وڃن پر وقت ثابت ڪري چڏيو آهي ته الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم تي لڳڻ وارو هر الزام بي بنياد ۽ من گهڙت هو.ان موقعي تي ڪينيڊا جو جوائنٽ آرگنائيزر مسعود حسن ۽ ٻين کان علاوه ڪارڪنن جي به وڏي تعداد موجود هئي . اجلاس ۾ جناب الطاف حسين جي صحت و تندرستي، وڏي عمر ۽ پاڪستان جي حفاظت جي لاءِ دعائون به گهريون ويون.



5/4/2024 3:09:48 AM