Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

عوام جيو جي خلاف احتجاج کي پرامن رکن، احتجاج جي آڙ ۾ قانون هٿن ۾ کڻڻ کان هر قيمت تي گريز ڪن. جناب الطاف حسين جي اپيل


 Posted on: 5/22/2014
عوام جيو جي خلاف احتجاج کي پرامن رکن، احتجاج جي آڙ ۾ قانون هٿن ۾ کڻڻ کان هر قيمت تي گريز ڪن. جناب الطاف حسين جي اپيل.
جيو ٽي وي قومي حساس ادارن جي اعلٰي شخصيتن کي صحافتي دائري کان ٻاهر نڪري ڪري پيش ڪيو، جنهن جي ڪري عوام ۾ ڏک ۽ ڪاوڙ جي لهر ڇائنجي وئي.
پاڪستان جي سلامتي جي نالي تي هڪ هڪ سچي محب وطن پاڪستاني کي اپيل ڪريان ٿو ته اهي پنهنجي احتجاج کي پرامن رکن.جناب الطاف حسين.
لنڊن؛ 22 مئي 2014
         متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين پنهنجي هڪ هنگامي بيان ۾ پاڪستاني عوام کي مخاطب ڪندي فرمايو ته ملڪ ۾ ڪنهن به ننڍي وڏي مسئلي تي اختلاف رکڻ ۽ ان جو پرامن طريقي سان اظهار ڪرڻ هر شهري جو بنيادي ۽ جمهوري حق آهي پر پرامن اظهار خيال ڪرڻ ۽ احتجاج ڪرڻ جو طريقو قانون ، آئين ۽ اخلاقي اصولن جي مطابق هجڻ گهرجي ۽ ڪنهن کي به احتجاج جي آڙ ۾ قانون کي هٿن ۾ کڻڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي. جناب الطاف حسين فرمايو ته گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان هڪ طبقو جيو جي خلاف ان ڳالھ تي احتجاج ڪري رهيو آهي جو جيو ٽيليويزن قومي حساس ادارن جي اعلٰي شخصيتن کي صحافتي دائري کان ٻاهر نڪري ڪري پيش ڪيو جنهن جي ڪري عوام ۾ وڏي ڪاوڙ جي لهر ڇائنجي وئي. هجڻ ته اهو گهرجي ها ته جيو جي اعلٰي انتطاميه قوم جي جذبن کي ٿڌو ڪري ها ۽ نئين ڀڙڪندڙ چڻنگ تي پاڻي وجهي ها پر افسوس جو جيو انتظاميه جي ڪجھ ماڻهن وڙهو ۽ مقابلو ڪريو پوءِ ڏٺو ويندو جي مصداق ڇڪٿاڻ  کي وڌائيندا رهيا ۽ عوام ۾ پيدا ٿيل ڪاوڙ ۾ اضافو ڪندارهيا. جناب الطاف حسين عوام کي اهو به فرمايو ته جيو جي طرفان ڄاڻي واڻي يا اڻ ڄاڻ ۾ ٿيل غلطين جو معاملو پنهنجي جڳھ تي پر ان جي رڌعمل جي طور تي احتجاج جي آڙ ۾ جيو جي غريب ۽ وچولي طبقي سان تعلق رکڻ وارن صحافين کي مار ڪٽ ڪرڻ ، انهن جا ڪيميرا ۽ موبائيل فون ڀڃڻ ۽ ڇڻڻ ۽ جيو جي جن گاڏين ۾ اهي ويهي ڪري رپورٽنگ جي لاءِ جتي وڃن اتي انهن تي پٿراءُ ڪرڻ کي ڪنهن به طرح  درست ، جائز ۽ آئيني يا قانوني قرار ڏيئي نه ٿو سگهجي.اهڙي صورت ۾ غريب صحافي ، رپورٽر ۽ ڪيميره مين نه صرف زخمي ٿئي ٿو، بلڪه ان وٽ موجود ڪيميره ۽ ٻيو قيمتي سامان به احتجاج  ڪرڻ وارن جي هٿان ڀڃي پوي ٿو . ان جو وڌيڪ اضافي بار به انهن ئي صحافين ، ڪيمره مينن ۽ اينڪرن تي پوي ٿو . ان سان مون کي انتهائي دلي صدمو پهتو آهي ۽ مان پاڪستان جي سلامتي جي نالي تي هڪ هڪ سچي محب وطن پاڪستاني کي اپيل ڪريان ٿو ته اهي پنهنجي احتجاج کي پرامن رکن ۽ جيو جي ملازمن ڀلي اهي ڊرائيور هجن، ٽيڪينيشنز هجن، ڪيميره مين هجن، صحافي هجن، اينڪر پرسن هجن،انهن کي يا انهن وٽ موجود سامان کي نقصان پهچائڻ جي بجاءِ انهن جي ۽ انهن وٽ موجود سامان جي حفاظت ڪرڻ انهن جو قانوني ۽ اخلاقي فرض آهي. جناب الطاف حسين اپيل ڪئي ته تمام پاڪستاني اڄ عهد ڪن ته اڄ کان پوءِ اهي پنهنجن پاڪستاني ڀائرن ڀلي انهن جو تعلق جيو يا ڪنهن به مخالف چينل سان ڇو نه هجي، ننڍي وڏي اختلاف جي صورت ۾ نه ته انهن کي مار ڪٽ ڪندا ۽ نه ئي انهن وٽ موجود سامان کي نقصان پهچائيندا ۽ اهڙا شرپسند ماڻهو جيڪي انهن صحافين يا انهن جي سامان کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪندا ،عوام اڳتي وڌي ڪري انهن جي حفاظت ڪندا ۽ شرپسندن جي جذبن کي به ٿڌو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا، جناب الطاف حسين فرمايو ته مان اميد ڪريان ٿو ته سچا محب وطن پاڪستاني اڄ کان پوءِ نئين مثبت اقدار کي جنم ڏيئي ڪري  هڪ مهذب ۽ پڙهيل لکيل قوم جو عڪاس ۽ آئينو بڻبا،انهن فرمايو ته جيو جي جن صحافين کي مارڪٽ ڪئي وئي آهي مان انهن جي ڏک ۽ سور ۾ برابر جو شريڪ آهيان ۽ دل جي گهرائين سان انهن  سان همدردي جو اظهار ڪريان ٿو ، انهن آخر ۾ دعا ڪئي ته الله تعالٰي اسان سڀني کي نيڪ ڪم ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. آمين ثمه آمين

5/3/2024 4:07:59 PM