Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

25 مئي جي يڪجهتي ريلي هڪ نئين تاريخ رقم ڪندي. ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي.


25 مئي جي يڪجهتي ريلي هڪ نئين تاريخ رقم ڪندي. ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي.
 Posted on: 5/21/2014
25 مئي جي يڪجهتي ريلي هڪ نئين تاريخ رقم ڪندي. ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي.
ملڪي ۽ بين الاقوامي سطح تي ٿيندڙ تمام سازشن جي باوجود عوام هر حال ۾ الطاف حسين سان گڏ آهن.
يڪجهتي ريلي جي سلسلي ۾ ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي سان گڏجي ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي جي تبت سينٽر ايم اي جناح روڊ تي  ميڊيا جي نمائندن کي پريس بريفنگ.
ڪراچي؛ 21 مئي 2014 
           متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر خالد مقبول صديقي چيو آهي ته ملڪي ۽ بين الاقوامي سطح تي ٿيندڙ سازشن جي باوجود غريب ۽ وچولي طبقي جا ماڻهو هر حال ۾ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان گڏ آهن ۽ انهن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي انهن جي قيادت ۾ پنهنجي منزل تي پهچي ڪري ئي دم وٺندا.انهن چيو ته 25 مئي جي يڪجهتي ريلي هڪ نئين تاريخ رقم ڪندي ،جنهن جماعت جو مينڊيٽ هجي ان جي خلاف آپريشن نه ڪيو وڃي بلڪه ان کي ساڻ وٺي ڪري هلجي. ڪراچي 70 سيڪڙو کان وڌيڪ روينيو ڏيئي ٿو. جيڪو پوري ملڪ کي پالي ٿو ان سان ان قسم جو رويو افسوسناڪ آهي.انهن خيالن جو اظهار انهن يڪجهتي ريلي جي سلسلي ۾ رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر انجنيئر ناصر جمال ، رابطا ڪميٽي ميمبرن واسع جليل، خالد سلطان ۽ توصيف خانزاده 
 سان گڏجي ڪيو ان موقعي تي اسيمبلين جا حق پرست  ميمبر به موجود هئا،ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو ته 25 مئي بروز آچر تي ڪراچي هڪ ڀيرو ٻيهر قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان پنهنجي والهانه محبت ۽ عقيدت جو اظهار ڪندو ۽ هڪ تاريخ رقم ڪندو ۽ ڪراچي جي سڀني کان وڏي ريلي کي دنيا ڏسندي.انهن چيو ته يڪجهتي ريلي ڪراچي کان سوءِ اندرون سنڌ ۽  ملڪ جي تمام شهرن ۾ منعقد ٿي رهيون آهن. انهن چيو ته سازشون ملڪي ۽ بين الاقوامي سطح تي ڪيون پيون وڃن پر اسان هر حال ۾ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان گڏ آهيون ۽ انهن جي قيادت ۾ منزل تي پهچي ڪري ئي دم وٺنداسين.ان کان پوءِ ميڊيا جي نمائندن جي سوالن جا جواب ڏيندي انهن چيو ته اسان اميد ڪريون ٿا ته قانون نافذ ڪرڻ وارا ادارا پنهنجيون ذميواريون خوش اسلوبي سان نڀائيندا.انهن چيو ته اسان کي ڀت سان لڳائڻ جي ڪيترن ئي طرفن کان ڪوششون ڪيون پيون وڃن پر اسان ثابت ڪنداسين ته اسان قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي قيادت ۾ هر وقت انهن سان گڏ آهيون ۽ دل و جان سان گڏ آهيون. انهن ٻڌايو ته جنهن وقت شناختي ڪارڊ جي حوالي سان قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي تصوير ورتي وئي ته مان به لنڊن ۾ موجود هيس، اتي تمام ڊاڪو مينٽس فراهم ڪيا ويا جنهن کان پوءِ اسان کي رسيد ڏني وئي ان وقت تائين سڀ صحيح هو پر ان کان پوءِ ڪجھ سازشون سامهون آيون، پر هاڻي اسان پراميد آهيون ته سڀ بهتر ٿي ويندو. انهن چيو ته ڪراچي پوري ملڪ کي پالي رهيو آهي پر ان سان ويڳي ماءُ جهڙو سلوڪ ڪيو پيو وڃي ، انهن چيو ته جيڪي امن چاهين ٿا انهن کي نشانو بڻائڻ جي بجاءِ انهن جي ذريعي امن بحال ڪيو وڃي ته ان جا بهتر نتيجا نڪرندا.



5/3/2024 4:34:01 PM