ملتان روڊ تي ٽريفڪ حادثي جي نتيجي ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جي هلاڪ ۽ زخمي ٿيڻ تي جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار.
ملڪ ۾ ٽريفڪ حادثن جو ٿيڻ ۽ ان جي نتيجي ۾ قيمتي انساني جانين جو زيان افسوسناڪ آهي.جناب الطاف حسين.
لنڊن؛ 21 مئي 2014
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين بوري والا ۾ ملتان روڊ تي بس ۽ ٽرڪ جي ٽڪر جي نتيجي ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جي هلاڪ و زخمي ٿيڻ تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين ٽريفڪ حادثن جي نتيجي ۾ قيمتي انساني جانين جي زيان تي افسوس جو اظهار ڪندي فرمايو ته ملڪ ۾ ٽريفڪ حادثا ۽ ان جي نتيجي ۾ قيمتي انساني جانين جو زيان روز جو معمول بڻجي چڪو آهي جيڪو انتهائي افسوسناڪ آهي.جناب الطاف حسين حادثي جي نتيجي ۾ هلاڪ ٿيندڙ ماڻهن جي مغفرت، انهن جي درجات جي بلندي ۽ زخمين جي جلد و مڪمل صحتيابي جي لاءِ دعا به ڪئي.
*****