معروف عالم دين مفتي منيب الرحمٰن جي صاحبزادي ضياء الرحمٰن جي جنازي نماز ۽ تدفين ۾ ايم ڪيو ايم جي وفد جي شرڪت.
ڪراچي؛ 21 مئي 2014
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر عبدالحسيب سان گڏجي ايم ڪيو ايم جي نمائنده وفد معروف عالم دين مفتي منيب الرحمٰن جي صاحبزادي ضياء الرحمٰن مرحوم جي جنازي نماز ۽ تدفين ۾ شرڪت ڪئي ۽ مفتي منيب الرحمٰن سميت تمام سوگوار پونئرن جي لاءِ صبر جميل جي دعائون ڪيون.ضياء الرحمٰن مرحوم جي جنازي نماز ٽي گرائونڊ فيڊرل بي ايريا بلاڪ نمبر 14 ۾ ادا ڪئي وئي ۽ تدفين سخي حسن قبرستان ۾ ڪئي وئي.ان موقعي تي وفد مفتي منيب الرحمٰن سان ملاقات ڪري قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان انهن جي پٽ جي وفات تي دلي ڏک جو اظهار ڪيو ۽ مرحوم جي مغفرت ۽ انهن جي درجات جي بلندي جي لاءِ فاتحه خواني ڪئي . ايم ڪيو ايم وفد ۾ اسيمبلين جا حق پرست ميمبر مزمل قريشي، خالد بن ولايت، ارتضٰي فاروقي، علماء ڪميٽي انچارج جاويد احمد ، متحده بين المسلمين جو مولانا اسد ديوبندي، مفتي شميم ۽ ٻين کان علاوه ڪارڪن به شامل هئا.
*****