سينيئر صحافي رئيس ڪمال جي والده جي وفات تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان تعزيت جو اظهار.
لنڊن؛ 21 مئي 2014
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين سينيئر صحافي رئيس ڪمال جي والده محترمه نور جهان جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ جناب الطاف حسين مرحومه جي تمام سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي فرمايو ته ڏک جي ان گهڙي ۾ مون سميت ايم ڪيو ايم جا تمام ڪارڪن اوهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن، جناب الطاف حسين دعا فرمائي ته الله تعالٰي مرحومه کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ سوگوارن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي.آمين.