Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

واپارين ۽ دڪاندارن سان گڏو گڏ اسڪولن جي مالڪن ۽ استادن کي به ڀتي جون پرچيون موصول ٿي رهيون آهن. ايم ڪيو ايم


 Posted on: 5/21/2012
واپارين ۽ دڪاندارن سان گڏو گڏ اسڪولن جي مالڪن ۽ استادن کي به ڀتي جون پرچيون موصول ٿي رهيون آهن. ايم ڪيو ايم.
ڪراچي؛ 21 مئي 2014 
متحده قومي موومينٽ ڪراچي جي علائقي سائيٽ ۽ ميٽرو ول ۾ قائم اسڪولن ۽ منگهو پير ۾ ماربل جي واپارين کي دهشت گردن جي طرفان مسلسل ڀتي جون پرچيون ملڻ ۽ اسڪولن جي مالڪن، استادن، شاگردن ۽ واپارين کي خوف زده ڪرڻ جي سخت مذمت ڪئي آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ ايم ڪيو ايم چيو ته ڀتي مافيا جي طرفان واپارين ۽ دڪاندارن سان گڏو گڏ هاڻي اسڪولن جي مالڪن ۽ استادن کي به دهشت گردن جي طرفان ڀتي جون پرچيون ملي رهيون آهن .گذريل پوين ڏينهن ۾ ميٽرو ول ۾ دهشت گردن فائرنگ ڪري هڪ اسڪول جي پرنسپل ۽ انهن جي پٽ کي شهيد ڪري چڏيو هو پر انهن دهشت گردن جي خلاف ڪابه ڪاروائي نه ڪئي وئي، ٻه ڏينهن اڳ دهشت گردن منگهو پير جي ماربل مارڪيٽ ۾ هڪ واپاري کي به ڀتو نه ڏيڻ تي فائرنگ ڪري قتل ڪري چڏيو هو،ڀتي مافيا جي طرفان واپارين ۽ اسڪول مالڪن کي بدستور ڀتي جون پرچيون ملي رهيون آهن ۽ ڀتي ڏيڻ کان انڪار ڪرڻ وارن کي گوليون هنيون پيون وڃن، جنهن جي ڪري واپاري، اسڪولن جا مالڪَ، استاد ۽ شاگرد به روڊن تي احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن . رابطا ڪميٽي وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ، ڊي جي رينجر سنڌ جنرل رضوان اختر۽ آئي جي سنڌ اقبال محمود کان مطالبو ڪيو آهي ته اهي ان صورتحال جو فوري طور تي نوٽس وٺن ۽ واپارين، دڪاندارن، اسڪولن جي مالڪن کي ڀتي جون پرچيون ڏيڻ ۽ انهن کي دهشت گردي جو نشانو بڻائڻ وارن جي خلاف سخت ڪاروائي ڪن.رابطا ڪميٽي منگهو پير ماربل مارڪيٽ جي واپارين، دڪاندارن ۽ ميٽرو ول سائيٽ جي اسڪولن جي مالڪن، استادن ۽ شاگردن سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته انهن کي ڏوهاري دهشت گردن کان تحفظ فراهم ڪيو وڃي.



4/19/2024 9:48:30 AM