Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪاروائين جي ذريعي سيڪيورٽي ادارن ۽ پاڪستاني عوام جي حوصلن کي ڪمزور ڪرڻ چاهين ٿا


 Posted on: 5/21/2014
ڪاروائين جي ذريعي سيڪيورٽي ادارن ۽ پاڪستاني عوام جي حوصلن کي ڪمزور ڪرڻ چاهين ٿا .
عوام ماضي وانگر فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي گڏ بيٺا آهن . جناب الطاف حسين.
لنڊن؛ 21 مئي 2014 
         متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ڪراچي جي علائقي ناظم آباد ۾ واقع رينجر هيڊڪوارٽر جي ويجهو بم ڌماڪي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته دهشت گردن هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجين  ڪاروائين جو سلسلو تيز ڪري چڏيو آهي،جيڪي ملڪ جي محافظن کي ڏينهن ڏٺي جو نشانو بڻائي ڪري سيڪيورٽي ادارن ۽ پاڪستاني عوام جي حوصلن کي ڪمزور ڪرڻ چاهين ٿا، پر پاڪستاني عوام ماضي ۾ به پنهنجي ملڪ جي محافظن سان گڏ هئا ۽ اڄ به اهي فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي گڏ بيٺا آهن . انهن ڌماڪي جي نتيجي ۾ زخمي ٿيندڙ ماڻهن جي جلد و مڪمل صحتيابي جي لاءِ دعا به فرمائي، قائد تحريڪ جناب الطاف حسين وزير اعظم ميان محمد نواز شريف، وفاقي وزير داخله چوڌري نثار علي خان ۽ وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ کان مطالبو ڪيو ته اهي ڌماڪي ۾ ملوث دهشتگردن جي خلاف فيصله ڪن ڪاروائي جا حڪمَ جاري ڪن . جناب الطاف حسين سڄي ملڪ جي عوام کي اپيل ڪئي ته اهي دهشت گردي جي ڪاروائين کان خوف زده نه ٿين ۽ ملڪ کي ڪمزور ڪرڻ جي تمام سازشن کي ناڪام بڻائي چڏين. 
*****



5/3/2024 12:46:16 PM