قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ متحده قومي موومينٽ 25 مئي بروز آچر تي تبت سينٽر تي عظيم الشان يڪجهتي ريلي جو انعقاد ڪندي.
ڪراچي؛ 20 مئي 2014
قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ متحده قومي موومينٽ جي زير اهتمام 25 مئي بروز آچر تي ايم اي جناح روڊ تبت سينٽر تي عظيم الشان يڪجهتي ريلي جو انعقاد ڪيو ويندو. يڪجهتي ريلي ۾ ايم ڪيو ايم جا ذميوار،ڪارڪن ۽ مختلف مڪاتب فڪر سان تعلق رکڻ وارا حق عوام قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان ڀرپور يڪجهتي جو مظاهرو ڪندا. ان کان علاوه رابطا ڪميٽي ايم ڪيو ايم جي ذميوارن، ڪارڪنن ۽ همدرد عوام سميت زندگي جي تمام شعبن سان تعلق رکڻ وارن ماڻهن کي اپيل ڪئي آهي ته اهي ان ريلي ۾ ڀرپور شرڪت ڪري جناب الطاف حسين سان ڀرپور يڪجهتي جو مظاهرو ڪن.
****