قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جو سينيئر صحافي افتخار احمد سان ٽيليفون تي رابطو.
جناب الطاف حسين انهن جي علالت تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ انهن جي صحت يابي جي لاءِ دعا به ڪئي.
خيريت دريافت ڪرڻ تي افتخار احمد جناب الطاف حسين جو شڪريو ادا ڪيو.
لنڊن؛ 20 مئي 2014
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين معروف اينڪر پرسن ۽ سينئر صحافي افتخار احمد سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو . جناب الطاف حسين افتخار احمد جي علالت تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ انهن جي جلد و مڪمل صحتيابي جي لاءِ الله تعالٰي جي حضور دعا به ڪئي. افتخار احمد خيريت دريافت ڪرڻ ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ تي جناب الطاف حسين جو شڪريو ادا ڪيو ۽ انهن کان دعا ڪرڻ جي خصوصي درخواست به ڪئي.
***