Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جو خصوصي انٽرويو.


قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جو خصوصي انٽرويو.
 Posted on: 5/20/2014


قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جو خصوصي انٽرويو.
السلام عليڪم ورحمت الله وبرڪاته
      مان اوهان جو شڪر گذار آهيان جو اوهان مون جهڙي ادنٰي ماڻهو کي موقعو ڏنو، جنهن کي موقعو ڏيندي ماڻهن جي جان نڪرندي آهي ڇو ته مان سچ ڳالهائيندو هيس،سچ ڳالهائيندو آهيان ۽ سچ ڳالهائيندو رهندس ۽ آخرسچ چوندي چوندي منهنجي موت اچي ويندي.مان وقت ڏيڻ واري هڪ هڪ ماڻهو جو شڪريو ادا ڪريان ٿو.
         مان اوهان کي ان ڳالھ کان آگاھ ڪرڻ چاهيان ٿو ته متحده قومي مووممينٽ پهرين مهاجر قومي موومينٽ هئي، مهاجر قومي موومينٽ کان پهرين اها اي پي ايم ايس او هئي .مهاجرن سان ٿيندڙ غيرمناسب سلوڪ ،مهاجر شاگردن سان ٿيندڙ غير مناسب رويي جي خلاف ڪوئي به نه ڳالهائيندو هو ،نوڪريون ،سي ايس ايس ۽ ٻيا جيترا به سول بيوروڪريسي ۾ وڃڻ وارا امتحان هوندا آهن،آئي ڪيو ٽيسٽ وغيره ان ۾ مهاجرن جون داخلائون آهستي آهستي بند ٿي ويون آهن ،جيڪڏهن اوهان صبح و شام مناظرا ۽ ٽاڪ شوز ۽ ڪراچي جي لا اينڊ آرڊر جو مسئلو ٻڌو ته ڪنهن ۾ سچ ڳالهائڻ جي همت نه آهي ،سڄي دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۾ لوڪل پوليسنگ جو رواج آهي . جڏهن برطانيه، فرانس ۽ ٻين ملڪن جون ڪالونيون هيون ته اهي جتي قبضو ڪندا هئا ته اتي ڪنهن به علائقي ۾ ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ ٻين علائقن کان پوليس  آڻيندا هئا ۽ انهن کي هدايت ڏيندا هئا ته اهي کلُي ڪري  جيترو ظلم ڪرڻ چاهين، قتل ڪرڻ چاهين ۽ جيڪو ڪجھ به ڪرڻ چاهين اهي آزادي سان ڪن. ڇو ته انهن جو ان علائقي سان تعلق نه هوندو هو.ڪراچي ۾ لا اينڊ آرڊر جي مسئلي تي وڏو بحث مباحثو هلي رهيو آهي ، افسوس جو انهن دانشورن جي اڪثريت ، تجزئي نگارن جي اڪثريت ، نام نهاد سياسي تجزيه نگارن جي اڪثريت ، دفاعي تجزيه نگارن جي اڪثريت منافقن، ڪوڙن ،مڪارن ۽ ضمير فروشن تي ٻڌل آهي. ڪنهن به اڄ تائين نه چيو ته ڪراچي ۾ پوليس ، رينجر ۽ ٻين قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي فورسز ڪراچي جي ڪيتري آهي. ڇا ڪوئي ڪراچي جو پوليس وارو آهي ؟ ڇا ڪوئي ڪراچي جو ايس ايڇ او ،ڊي ايس پي يا ايس پي ڪراچي ۾ متعين آهي ؟جڏهن اوهان ٻاهر کان پوليس آفيسرَ آڻيندو جنهن کي نه ڪراچي جي عوام جي سائيڪالاجي جي خبر آهي نه نفسيات جي خبر آهي ۽ نه رهڻي سهڻي جي خبر آهي ، اوهان انهن کي شهرين تي ڏنڊا هلائڻ جو حڪم ڪندو ته اهي ته مال غنيمت ۽ مفتوحه قوم سمجهي ڪري  ماڻهن سان سلوڪ ڪندا ،مهاجرن سان بدقسمتي سان ڪراچي ، حيدرآباد ۽ ٻين شهري علائقن ۾اڄ تائين اهو ئي ٿيندو پيو اچي.1964 ۾ لساني فسادَ ٿيا،1972 ۾ لساني فسادَ ٿيا ان وقت ته ايم ڪيو ايم نه هئي ، الطاف حسين نه هو، اڄ چون ٿا ته جڏهن کان الطاف حسين آيو آهي ۽ جڏهن کان ايم ڪيو ايم بڻي آهي تڏهن کان اهي فسادَ ٿي رهيا آهن ، انهن ضمير فروشن کي اها خبر نه آهي ته 1964 ۾ ڇا الطاف حسين هو؟ ڇا ان وقت ايم ڪيو ايم هئي ؟ 72، 73 ۾جڏهن پيپلز پارٽي جي دور ۾ لساني فسادَ ٿيا ته ڇا ان وقت الطاف حسين هو؟ ايم ڪيو ايم هئي؟ بلڪل نه.پوءِ 14 ڊسمبر 1986 ۾ قصبه علي ڳڙھ جو واقعو ٿيو .31 آڪٽوبر 1986 ۾ سهراب ڳوٺ جو سانحو ٿيو، اوهان ڪڏهن اخبار ۾ ڪنهن ٽيليويزن تي انهن سانحن جو تذڪرو نه ٻڌو هوندو ،جڏهن ته 12 مئي جو بار بار تذڪرو ڪيو وڃي ٿو ته 12 مئي تي چيف جسٽس چوڌري افتخار اچي رهيا هئا . انهن جي آمد تي ايم ڪيو ايم هنگامو ڪيو. ڪجھ ڏينهن اڳ ئي 12 مئي ملهايو ويو آهي ته قاتلن کي سزا نه ڏني وئي آهي ، چيو وڃي ٿو ته وڪيلن کي ساڙيو ويو ،مان هڪ هزار دفعا بيان ڏنا ،مان چيو ته جن وڪيلن کي ساڙيو ويو آهي انهن جي ميمبر شپ هوندي ،اهي سپريم ڪورٽ ، هائي ڪورٽ، سول ڪورٽ، لوئر ڪورٽ ياٻئي ڪنهن ڪورٽ يا بار جا ميمبر هئا،يا نه هئا پر وڪيل بڻجڻ جي لاءِ ته هڪ ميمبر شپ هوندي آهي ، ان جو ميمبر شپ جو ڪارڊ هوندو آهي ، ان تي ان جو نالو هوندو آهي ،والد جو نالو هوندو آهي ،گهر جي ايڊريس هوندي آهي ،فوٽو لڳل هوندو آهي ،مان چيو ته 12 مئي تي جيترا به وڪيل ساڙيا ويا انهن جي فهرست ته شائع ڪريو. پر 12 مئي جو ڌهل اڄ تائين پيو وڄي ۽ ڪوئي به اهو نه ٿو ٻڌائي ته ان ڏينهن ايم ڪيو ايم جي 42 ڪارڪنن کي به شهيد ڪيو ويو، ايم ڪيو ايم جي جلسن کي جنهن ۾ معصوم ٻار امڙين جي ڪڇ ۾ هئا انهن تي گوليون هلايون ويون ،جيڪڏهن ان تي عوامي ري ايڪشن ٿئي ٿو ته ان جي ذميواري نه ڪنهن پارٽي تي عائد ٿئي ٿي ۽ نه ڪنهن ماڻهو تي عائد ٿئي ٿي. 19 جون 1992 تي مهاجرن جي خلاف آپريشن ڪيو ويو ،چيو ويو ته اهو آپريشن 72 وڏين مڇين جي خلاف هوندو، وفاقي وزير داخله چوڌري نثار علي خان زنده آهن، ٻه ڀيرا انهن قومي اسيمبلي ۾ 72 وڏين مڇين جي فهرست پيش ڪئي . مان اڄ وري ان انٽرويو جي توسط سان پچان ٿو ته انهن 72 ماڻهن مان ڪا هڪ به وڏي مڇي پڪڙي وئي ؟جيڪو آپريشن فوج ڪيو ان ۾هڪ به وڏي مڇي پڪڙي وئي ؟ ان آپريشن جو رخ ايم ڪيو ايم ۽ مهاجر قوم ڏانهن موڙيو ويو ۽ پوءِ مهاجرن کي قتل ڪيو ويو، 15 هزار کان وڌيڪ ڪارڪن شهيد ڪيا ويا، منهنجي 70 ساله ڀاءُ ناصر حسين ۽ ڀائيٽي عارف حسين کي بي گناھ گرفتار ڪري ٽن ڏينهن تائين سخت تشدد ڪري پوءِ انهن کي شهيد ڪيو ويو. منهنجن پيارن ساٿين کي شهيد ڪيو ويو جيڪڏهن منهنجي جڳھ تي ڪوئي ٻيو هجي ها ته اهو عليحدگي جو نعرو هڻي ها، پر مان وري به چيو ته صبر ڪريو، صبر ڪريو،الله تعالٰي وڏو انصاف ڪرڻ وارو آهي ،هٿان جا قبرستان ڀرجي ويا،شهيدن جو قبرستان الڳ بڻائڻو پيو ، مان آئي ايس آئي ، ايم آئي ۽ فوج سان وڏيون ملاقاتون ڪيون، غلط فهميون دور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته جيئن معاملو ٺيڪ ٿي وڃي . اسان پاڪستان ٺاهڻ وارن جون اولادون آهيون، اسان جو ڏوھ اهو آهي ته اسان پاڪستان هجرت ڪري ڇو آياسين. اهو اسان جو ڏوھ آهي. مان صبر ڪيو مان آئي ايس آئي، ايم آئي ۽ فوج سڀني سان ڳالھ ڪئي ته اسان جي درميان غلط فهميون دور ڪريو ،اسان انهن جون اولادون آهيون جن جا 20 لک ماڻهو پاڪستان ٺاهڻ ۾ ڪٽجي ويا،جن جون عورتون بيوه ٿي ويون ، جن جي معصوم ٻارن کي نيزن تي ٽنگيو ويو. اسان پوءِ به چيو ته بٽ کي رهي گا هندستان،لي کي رهين گي پاڪستان، پر مهاجرن سان نفرت ۽ عصبيت اڄ تائين ختم نه ٿي، اسان هر جماعت سان اتحاد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي . اسان نواز شريف سان اتحاد ڪيو، اسان بي نظير ڀٽو سان اتحاد ڪيو پر سڀني ڌوکن تي ڌوکا ڪيا ۽ انهن جي ئي دور ۾ اسان جي پٽي ۾ خنجر هنيا ويا ،اسان ملڪ جي بهتري ۽ ڀلائي جي لاءِ سڀني سان اتحاد ڪيو ، پر انهن سڀني اسان جي پٽي ۾ خنجر هنيا،مثال جي طور تي نواز شريف سان اتحاد ڪيو انهن پنهنجي پهرين  حڪومت ۾ 19 جون 1992 تي ايم ڪيو ايم جي خلاف آپريشن ڪرائي چڏيو، پوءِ معافيون گهريون ۽ قسمون کائي ڪري ٻيهر خاطري ڪرائي ته هاڻي اسان ڌوکو  نه ڪنداسين، جنهن تي اسان وري اتحاد ڪيو، پوءِ 1998 ۾ حڪيم سعيد جي قتل جو الزام هڻي ۽ کيسي مان پرچي ڪڍي ڪري چيو ته اها آئي ايس آئي ڏني آهي ، هڪ ساٿي فصيح جگنو کي شهيد ڪيو ويو ۽ سنڌ ۾ گورنر راڄ لڳايو ويو، جمهوريت جي تڏا ويڙھ ڪئي وئي.اسان ان تي به صبر ڪيو ان کان پوءِ لنڊن ۾ اي پي سي ٿي نواز شريف صاحب ۽ تمام جماعتن چيو ته سڀني سان ڳالھ ٿيندي سواءِ ايم ڪيو ايم ۽ الطاف حسين جي ،ڄڻ ته اسان ڪي ڀنگي آهيون ،ڇهڙا آهيون يا ڪي شوڌر آهيون، اهو پاڪستان بنائڻ وارن جي اولادن سان ڇا ڪيو پيو وڃي،اسان اهو به برداشت ڪيو پر انهن منهنجو پيڇو نه چڏيو ۽ آخر ڪار مون کي جلاوطن ٿيڻو پيو مان برطانيه اچي ويس،22  هن سالن کان مان برطانيه ۾ جلاوطن آهيان ۽ برطانيه ۾ به مون کي ڪو سڪون سان ويهڻ نه ڏنو ويو.منهنجي مٿان طرح طرح جي ڪوڙين رپورٽن جي ذريعي ڊامو ڪيو ويو، اهو ته الله تعالٰي ئي بهتر ڄاڻي ٿو ته هن وقت مون تي مني لارڊنگ جا ڪيس ۽ خبر نه آهي ته ڪهڙا ڪهڙا مقدما قائم ڪيا ويا آهن، انهن ڪيسن کي اڃان تائين  عدالتن ۾ نه آندو ويو آهي پر برطانوي گورنمينٽ برطانيه ۾ منهنجا تمام بينڪ اڪائونٽ بند ڪري چڏيا آهن بغير ڪنهن ثبوت ۽ شاهدين جي ۽ عدالتن ۾ ثابت ڪرڻ کان سواءِ.مون تي حڪيم سعيدجي قتل جو الزام لڳايو ويو ،پارٽي تي لڳايو ويو ،اڄ سپريم ڪورٽ چئي چڏيو ته حڪيم سعيد جي قتل ڪيس مان ايم ڪيو ايم کي باعزت طور تي بري ڪريون ٿا، اسان تي تڪبير رسالي جي ايڊيٽر صلاح الدين جي قتل جو الزام لڳايو ويو اسان کي ان مان به عدالت باعزت طريقي سان بري ڪري چڏيو.اسان تي جناح پور جو الزام لڳايو ويو ان ۾ به اسان کي باعزت طريقي سان بري ڪيو ويو، ڪهڙا ڪهڙا الزام آهن جيڪي  اسان تي نه لڳايا ويا هجن ته جيئن اسان تي غداري جو الزام ثابت ڪري سگهجي.
         حاليه ڪراچي آپريشن شروع ٿيو ته اسان امن جي خاطر ان جي حمايت ڪئي ته جيئن ڀتي خورن، چورن، ڪارلفٽرن، موبائيل فون ڇڻڻ وارن کي گرفتار ڪيو وڃي. ڀُنگ جي لاءِ اغوا ڪندڙن کي گرفتار ڪيو وڃي. پر ان آپريشن جو رخ به ايم ڪيو ايم ڏانهن موڙيو ويو هن مهل تائين ايم ڪيو ايم جا 47 ڪارڪن لاپتا آهن،درجنين ساٿين کي انهن جي والدين جي سامهون رينجر ۽ پوليس گرفتار ڪيو ۽ ٻئي ڏينهن انهن جون لاشون مليون. اڄ انهن جي رپورٽ لکڻ وارو ڪوئي به نه آهي.انهن جي انڪوائري ڪرڻ وارو به ڪوئي نه آهي، اسان آپريشن کان پوءِ وزير اعظم ۽ وزير داخله چوڌري نثار کي درخواست ڪئي ته هڪ ڪميٽي بڻائي چڏيو جيڪا مانيٽر ڪري ته آپريشن صحيح ٿي رهيو آهي يا غلط ٿي رهيو آهي. ڪنهن سان زيادتي ته نه ٿي رهي آهي پر اها ڪميٽي نه بڻائي وئي ،ٻه ڏينهن پهرين ڪراچي ۾ لا اينڊ آرڊر جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ چيف آف آرمي اسٽاف به موجود هو، آئي ايس آئي جو چيف به موجود هو، رينجر جو ڊائريڪٽر جنرل به موجود هو، پوليس جا اعلٰي آفيسر به موجود هئا.اتي ڪوڙا الزام هنيا ويندا رهيا، پر گورنر صاحب خاموشي سان ٻڌاندا رهيا،اهو ئي منهنجو گورنر صاحب کي ڏوراپو آهي پر مان ڇا ڪريان، اتي حيدر عباس رضوي ايم ڪيو ايم جي نمائندي جي حيثيت سان ڳالهايو پر انهن کي به مڪمل طور تي پنهنجو موقف بيان نه ڪرڻ ڏنو ويو . اتي ايم ڪيو ايم تي ڪوڙا الزام لڳايا ويا ۽ ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته اهو جيڪو ڪجھ به ڪراچي ۾ ٿي رهيو آهي ان جي ذميواري ايم ڪيو ايم تي آهي.لياري جي ڳالھ آئي ته آصف زرداري صاحب ڀڙڪي اٿيا ته لياري تي اوهان آنڱر ڇو کڻي رهيا آهيو، ايم ڪيو ايم تي آنڱر اٿي ته گورنر صاحب خاموش ويٺا رهيا، جنهن جو مون کي صدمو آهي ، اڄ هر ماڻهو چوي ٿو ته اوهان ماريا پيا وڃو،گورنر اوهان جو آهي ته گورنر ڇا ڪري رهيو آهي ؟هاڻي مان ڇا ٻڌايان ته گورنر جي ته نه ڊي جي رينجر ٻڌي ٿو ۽ نه آئي جي ٻڌي ٿو ته پوءِ چيو وڃي ٿو ته اوهان گورنر کي واپس ڇو نه ٿا گهرايو، مان ته گهرايان پر پوءِ فوج، آئي ايس آئي ۽ ٻيا ادارا ناراض ٿي ويندا، مون کي ڪوئي شوق نه آهي گورنري يا ڪنهن وزارت جو ، اسان تي پريشر هو ته ڇو ته اوهان گورنمينٽ کان ٻاهر آهيو اهي سڀ مسئلا ، اهو سڀ ڪجھ ان جي ڪري ئي ٿي رهيو آهي ته اسان پيپلز پارٽي سان حڪومت ۾ ٻيهر شامل ٿي وياسين.پر ان جي باوجود به سڪون نه آهي، ان کان پوءِ به اسان جي چئن چئن . پنجن پنجن ۽ ڏهن ڏهن ڪارڪنن جون لاشون ملنديون رهيون،پر پي پي جي گورنمينٽ يا وزير اعلٰي ڪنهن به ڪارڪن جي گهر وڃي ڪري تعزيت نه ڪئي. مان پاڪستان جي عوام کان پچان ٿو ته اهي ٻڌائين ته اسان ڪريون ته ڇا ڪريون.هاڻي برطانيه ۾ به انهن مني لارڊنگ ۽ خبر نه آهي ته ڪهڙا ڪهڙا مقدما قائم ڪيا آهن ، مان اهو چوان ٿو ته برطانيه جي ايم آئي فائيو هجي ، ايم آئي سڪس هجي، اسڪاٽ لينڊ يارڊ هجي يا ميٽرو پوليٽن پوليس هجي، منهنجي گهر تي چاپا هنيا ويا. منهنجي آفيس تي چاپا هنيا ويا. سڪا جمع ڪرڻ منهنجي ننڍپڻ کان ئي عادت آهي اهي منهنجن سڪن جون بوتلون کڻي ويا،اهو برطانيه جي ڪهڙي قانون ۾ لکيل آهي ۽ ان جي لاءِ ڪوئي به وڪيل اچڻ جي لاءِ تيار نه آهي، ان جي ڪري جو اتان جا وڪيل به هتان جي اسٽيبلشمينٽ کان ڊڄن ٿا ته ان ۾ وڏيون وڏيون ايجنسيون ملوث آهن پر مان وري به ڄمي ڪري وڙهي رهيو آهيان، مان اڪيلو وڙهندو رهندس، مون کي برطانيه وارا جيل ۾ وجهي چڏين، مون کي موت ڏيئي چڏين پر مان پاڪستان ۾ سچ چيو ۽ جيستائين مان هتي آهيان هتي رهي ڪري به سچ چوندو رهندس. پوءِ مان سوچيو جڏهن مرڻو ئي آهي ته پاڪستان وڃي ڪري مرجي،  پهرين به مان پاسپورٽ جي لاءِ اپلائي ڪري چڪو هيس ۽ هاڻي مان واجد شمس الحسن صاحب کي درخواست ڪئي ته منهنجن پيرن ۾ واٽس نڪتل آهن مان گهمي ڦري نه ٿو سگهان.مهرباني ڪري اوهان ڪوئي اهڙو بندوبست ڪريو جو مان ڪنهن طريقي سان گهوڙي جي ذريعي انٽرنيشنل سيڪريٽريٽ پهچي وڃان، اتي منهنجيون تفصيلات ورتيون وڃن، انهن مهرباني ڪئي ، اهي 4 اپريل 2014 تي نادرا جي پوري عملي کي وٺي آيا، انهن ڪيترائي دفعا منهنجا فنگر پرنٽ ورتا،منهنجا فوٽو ڪڍيا،في ورتي ۽ پوءِ مان صحيح ڪئي.ان جو ٽوڪن نمبر به موجود آهي ته اوهان فارم جمع ڪرايو،مان پنهنجي شناختي ڪارڊ جو انتظار ڪندو رهيس، جڏهن گهڻي دير ٿي ته مان گوڙ ڪيو ته هن مهل تائين مون کي نيڪوپ ڪارڊ بڻائي ڪري نه ڏنو ويو آهي ته چوڌري نثار علي خان صاحب چيو ته انهن جي تصوير خراب آهي ، ڪڏهن چيو ويو ته فنگر پرنٽس صحيح نه آهن ،ڪڏهن چيو ويو ته ڊيٽا اڏامي ويو آهي،الطاف حسين ٻيهر ڊيٽا جمع ڪرائين، اسان ٻيهر اينداسين ۽ ڪارڊ ٺاهي ڪري ڏينداسين، چوڌري نثار علي خان اوهان مون کي خيرات ڏيڻ چاهيو ٿا ؟نواز شريف جي حڪومت مون کي پاڪستانيت جي لاءِ خيرات ڏيڻ چاهي ٿي پر مون کي خيرات نه گهرجي.اوهان کي جيڪو ڪجھ ڪرڻو آهي مون سان ڪريو، مان سچ چوندو هيس ۽ چوندو رهندس، مان وڏيرن جي خلاف ، جاگيردارن جي خلاف، پاڪستان جي دولت لٽڻ وارن جي خلاف هيس ۽ اڄ به خلاف آهيان ۽ آخري ساھ تائين انهن جي خلاف جدوجهد ڪندو رهندس، ڪندو رهندس، ڪندو رهندس ڀلي ان جي سزا مون کي موت جي صورت ۾ ئي ڇو نه ملي ، مان اهڙي موت کي خوشي سان قبول ڪندس،منهنجا لاپتا ڪارڪن اڄ به لاپتا آهن ،ڪوئي به انهن جي بازيابي جي لاءِ اڳتي اچڻ جي لاءِ تيار نه آهي .مان آئي ايس آئي ،ايم آئي ۽ فوج جي لاءِ چوندو رهيس ته اوهان دهشت گردن جي خلاف جنگ وڙهي رهيا آهيو،ايم ڪيو ايم ملڪ جي بقا و سلامتي جي لاءِ فوج سان گڏ هر قرباني ڏيڻ جي لاءِ تيار آهي، ڀلي اها دهشت گردن جي خلاف هجي يا ٻئي ڪنهن وڏي کان وڏي طاقت جي خلاف هجي پر منهنجي قدر جهڙي نموني سان ٿيڻ گهرجي ها اها نه ڪئي وئي، ۽ هاڻي اوهان پاڪستان جي عوام کي ٻڌايو ته مون کي ڇا ڪرڻ گهرجي.
         مان ڪارڪنن کي به ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته پوري رابطا ڪميٽي موجود آهي اها جيڪو فيصلو ڪري اوهان ان کي مڃيو ۽ شايد مان جلد ڪارڪنن سان الوداعي خطاب ڪريان، ته منهنجا ڪارڪنو مان هاڻي خودڪشي ته نه ڪندس باقي ها مان پنهنجي پاڻ کي ٻين خطرات ۾ وجهي ڪري مري ويندس پر منهنجا ساٿيو توهان تحريڪ کي جاري رکجو، شهيدن جي رت جو پاس رکجو ۽ ان تحريڪ جي لاءِ جدوجهد ڪندا رهجو ،ڏسو....مهاجرن کي اڄ نه ته ڪالھ، ڪالھ نه ته ٻئي ڏينهن حقَ ملندا.پوليس ۾ نوڪري ملندي، فوج ۾ به نوڪري ملندي، ۽ جيڪڏهن مهاجرن کي حق نه ملندا ته خدا خير ڪري پوءِ پوري ملڪ جي ماڻهن کي انصاف نه ملندو، غريبن کي جيئڻ جو حق نه ملندو ته پوءِ حڪومت ڪفر سان ته قائم رهي سگهي ٿي پر ظلم سان قائم رهي نه ٿي سگهي.الله تعالٰي پاڪستان تي رحم فرمائي ۽ الله تعالٰي اختيار رکندڙ ماڻهن کي سوچڻ جي توفيق ڏي، انهن کي هدايت ڏي.وزير اعظم صاحب الله تعالٰي ۽ ان جي رسول پاڪ صلي الله عليه وآله وسلم جي واسطي ،اوهان کي به الله سائين وٽ وڃڻو آهي ،چوڌري نثار توهان کي به الله سائين وٽ وڃڻو آهي اهو نه سوچيو ته صرف الطاف حسين کي جواب ڏيڻو آهي، اوهان کي به جواب ڏيڻو آهي ،هر ڪنهن کي الله سائين جي اڳيان جواب ڏيڻو آهي.ان جي ڪري الله سائين کان ڊڄو ۽ قيامت جي ڏينهن کان ڊڄو.
           مان اپيل ڪريان ٿو ته اچو منهنجا پاڪستاني ڀائرو،پاڪستان جا مظلومو،98 سيڪڙو پٽاڻَ، پنجابي، سنڌي، بلوچ، سرائيڪي، هزاري وال ۽ ڪشمير وارو اچو الطاف حسين سان گڏ ۽ گڏجي ڪري ملڪ جو نظام بدليون ،مان نه رهيس ته منهنجن ساٿين سان گڏجي ڪري ملڪ ۾ انقلاب آڻجو ۽ پاڪستان کي ترقي يافته ملڪ بڻائجو.مان اوهان جو تمام گهڻو شڪريو ادا ڪريان ٿو جو اوهان مون کي تمام گهڻو وقت ڏنو، منهنجو موقف پوري ملڪ ۾ ٻڌرايو جو اڄ پوري ملڪ جي سامهون سچ ۽ ڪوڙ جو فيصلو ٿي وڃي. انهن دعائن سان گڏ ته الله سائين پاڪستان جو مددگار هجي،الله سائين سڀني جي زندگين کي خوشحال بڻائي ،سڀني جي مشڪلاتن کي آسان ڪري ،اوهان جي تمام گهڻي مهرباني، السلام عليڪم.


5/3/2024 1:59:11 PM