Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

جناب الطاف حسين جي طرفان سڄي ملڪ خصوصن سنڌ۾


جناب الطاف حسين جي طرفان سڄي ملڪ خصوصن سنڌ۾
 Posted on: 5/19/2014
ارڙي جي وڌندڙ بيماري تي ڳڻتي جو اظهار.
19 مئي کان 31 مئي تائين والدين پنهنجن ٻارن کي ارڙي کان بچاءُ جون سُيون ضرور لڳرائين. جناب الطاف حسين جي والدين کي اپيل.
لنڊن؛ 19 مئي 2014 
         متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين سڄي ملڪ خصوصن سنڌصوبي جي ٻارن ۾ ارڙي جي وڌندڙ بيماري ۽ ان جي ڪري معصوم ٻارن جي هلاڪتن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي سڄي ملڪ خصوصن سنڌ صوبي جي والدين کي اپيل ڪئي آهي ته اهي صوبائي وزارت صحت جي طرفان ارڙي کان بچاءُ جي لاءِ 19 مئي کان 31 مئي تائين جاري رهندڙ مهم جي دوران پنهنجن ٻارن کي ارڙي کان بچاءُ جون سُيون ضرور لڳرائين.جناب الطاف حسين فرمايو ته ڪنهن به معاشري ۾ ڪوئي به صحت مند ماڻهو ئي ان معاشري جي ڀلائي ۾ پنهنجو عملي ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو ان جي ڪري والدين پنهنجي ان ذميواري کي سمجهندي پاڪستان جي روشن مستقبل جي لاءِ ارڙي کان بچاءُ جي مهم جي دوران گهر گهر اچڻ وارين ٽيمن جي رضاڪارن ۽ مختلف هنڌن تي لڳايل ڪيمپن سان ڀرپور تعاون ڪن ۽ پنهنجن ٻارن کي ارڙي کان محفوظ بڻائي پاڪستان کي صحت مند ملڪن جي صف ۾ شامل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.


5/3/2024 2:06:23 PM