Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

جهڙي طرح ماضي ۾ حقيقي جو پروجيڪٽ بري طرح سان فلاپ ٿيو هو اڄ اهڙي ئي طرح پي ايس پي جو پروجيڪٽ به بري طرح سان فلاپ ٿيو آهي. سينيئر ڊپٽي ڪنوينر عامر خان


 Posted on: 8/10/2016
جهڙي طرح ماضي ۾ حقيقي جو پروجيڪٽ بري طرح سان فلاپ ٿيو هو اڄ اهڙي ئي طرح  پي ايس پي جو پروجيڪٽ به بري طرح سان فلاپ ٿيو آهي. سينيئر ڊپٽي ڪنوينر عامر خان
ڪوئيٽا ۾ خوفناڪ بم ڌماڪو ٿيو پر اتي پابندي وڌل تنظيمن جي خلاف ڪاروائي ڪرڻ جي بجاءِ ابتڙ ڪراچي ۾ ئي گهرن جي تلاشي ۽ بي ڏوهي گرفتارين جو سلسلو تيز ڪيو ويو آهي. 
خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ پريس ڪانفرنس
ڪراچي: 10 آگسٽ 2016 
                  متحده قومي موومينٽ جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر عامر خان چيو آهي ته ايم ڪيو ايم جي خلاف 2013 کان وٺي ڪري غير اعلانيه آپريشن جاري آهي ۽  گذريل ٽن ڏينهن کان گرفتارين ۾ وڏي تيزي آندي وئي آهي ۽ انهن ٽن ڏينهن ۾ ڪراچي مان ايم ڪيو ايم جي 20 ڪارڪنن کي بي ڏوهي گرفتار ڪيو ويو آهي. انهن خيالن جو اظهار انهن خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ڊپٽي ڪنوينر شاهد پاشا، رابطا ڪميٽي ميمبر عارف خان، رڪن الدين ۽ اشرف نور به موجود هئا.انهن چيو ته ڪورنگي مان ايم ڪيو ايم جي ڪارڪن عامر بيگ جي گهر تي قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي اهلڪارن ڇاپو هنيو ۽ عامر بيگ جي نه ملڻ تي انهن جي ننڍي ڀاءُ عاصم بيگ ۽ انهن جي 23 سالن جي ننڍي ڀيڻ کي پاڻ سان گڏ گاڏي ۾ ويهاري وٺي ويا. اهلڪارن انهن جي ڀيڻ سان بدتميزي به ڪئي جيڪا انتهائي شرمناڪ جي ڳالھھ آهي. جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. انهن چيو ته ڪارڪنن سان گڏو گڏ هاڻي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن ۽ انهن جي مٽن مائٽن جي گهرن تي به ڇاپن جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي.انهن چيو ته 8 آگسٽ 2016 تي شاھ فيصل ڪالوني ۾ رابطا ڪميٽي جي ميمبر اشرف نور ۽ انهن جي چاچي جي گهر تي رينجر بي ڏوهي ڇاپو هنيو ۽ انهن جي گهر وارن سان وڏي توهين وارو رويو اختيار ڪيو ۽ گذريل ڏينهن ڪورنگي ۾ به رابطا ڪميٽي ميمبر رڪن الدين جي گهر ۽ انهن جي ڀيڻ جي گهرن تي ڇاپا هنيا ويا. انهن چيو ته انهن ڇاپن جي دوران اهلڪارن سان گڏ حقيقي ۽ پي ايس پي جا دهشت گرد به هئا.جيڪي انهن جي گهرن جي نشاندهي ڪري رهيا هئا. انهن چيو ته جهڙي طرح ماضي ۾ حقيقي جو پروجيڪٽ فلاپ ٿيو هو اهڙي طرح اڄ پي ايس پي جو پروجيڪٽ به فلاپ ٿي چڪو آهي. انهن چيو ته 8 آگسٽ تي ڪوئيٽا ۾ ڌماڪو ٿيو جنهن ۾ 72 ماڻهو شهيد ۽ 100 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا آهن. پر اتي ان واقعي جي ذميواري قبول ڪندڙن پابندي وڌل تنظيمن جي خلاف ڪاروائي ڪرڻ جي بجاءِ ابتڙ ڪراچي جي علائقن ۾ ڇاپن ۽ گهرن جي تلاشي جو سلسلو تيز ڪيو ويو آهي. انهن چيو ته اهي پنهنجي ناڪامي ۽ نااهلي تي شرمنده ٿيڻ ۽ پنهنجو سڌارو ڪرڻ جي بجاءِ مهاجرن کي ڀت سان لڳائڻ جي ڪوششون ڪري رهيا آهن. پر مهاجر پاڪستان جا وفادار هئا ۽ هميشه رهندا. انهن چيو ته جيڪڏهن آفتاب احمد شهيد جي قاتلن جو تعين ڪري انهن جو احتساب ڪيو وڃي ها ته رياض الحق جي شهادت جو واقعو پيش نه اچي ها. انهن چيو ته 7 آگسٽ 2016 تي ايم ڪيو ايم شاھ فيصل يوسي 7 جي جوائنٽ آرگنائيزر وحيدشيخ تي سرڪاري حراست جي دوران بدترين تشدد ڪيو ويو. جنهن جي ڪري اهي سخت بيمار هئا. جنهن تي حق پرست اسيمبلي ميمبرن ڪنور نويد جميل ۽ محمد حسين آئي جي جيل کي تحريري درخواست ڪئي هئي ته اهي وحيد شيخ کي علاج جي لاءِ اسپتال موڪلين. پر جيل انتظاميه غفلت جو مظاهرو ڪيو جنهن جي ڪري وحيد شيخ شهيد ٿي ويا.انهن چيو ته آفتاب احمد شهيد، رياض الحق شهيد ۽ وحيد شيخ سميت  62 ڪارڪنن کي ماورائي عدالت شهيد ڪيو ويو آهي. پر اڄ تائين هڪ به شهيد جي قاتل کي گرفتار نه ڪيو ويو آهي. انهن چيو ته ڪراچي ۾ جاري آپريشن جا ڪپتان وزير اعلٰي سنڌ آهن ۽ انهن ئي رينجر کي ڪراچي ۾ اختيار ڏنا آهن. ان جي ڪري اسان جي وزير اعلٰي سنڌ سيد مراد علي شاھ کي درخواست آهي ته اهي آپريشن جي نالي تي بي ڏوهي ڪارڪنن جي ڇتين گرفتارين ۽ گهرن ۾ اسان جي امڙين ۽ ڀينرن سان بدتميزي جي واقعن جو سختي سان نوٽس وٺن.

4/18/2024 1:37:19 AM