Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي ڪنوينر نديم نصرت جي طرفان سانحه ڪوئيٽا جي حوالي سان جرتمندانه خيالن جو اظهار ڪرڻ تي محمود خان اچڪزئي، مولانا فضل الرحمٰن، مولانا اختر شيراني، غلام احمد بلور ۽ ميان افتخار حسين کي زبردست خراج تحسين پيش

 Posted on: 8/10/2016

وفاقي حڪومت، اسٽيبلشمينٽ، فوجي قيادت ۽ پيمرا مان جيڪڏهن ڪنهن ۾ همت آهي ته اها محمود خان اچڪزئي جي تقرير، تصوير ۽ آواز تي پابندي لڳائي ڏيکاري. نديم نصرت
لنڊن: 10 آگسٽ 2016 
                 متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ڪنوينر نديم نصرت سانحه ڪوئيٽا جي حوالي سان جرتمندانه خيالن جو اظهار ڪرڻ تي پختونخواھ ملي عوامي پارٽي جي سربراھ محمود خان اچڪزئي، جي يو آئي جي سربراھ مولانا فضل الرحمٰن ۽ مولانا اختر شيراني، اي اين پي جي اڳواڻن غلام احمد بلور ۽ ميان افتخار حسين کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ نديم نصرت چيو ته انهن اڳواڻڻ جن خيالن جو اظهار ڪيو آهي اهي اونڌھ ۾ روشني وانگر آهن ۽ عوام جي دلين جي آواز به آهن. انهن وڌيڪ چيو ته عوام پنهنجن اڳواڻڻ مان اها ئي توقع رکي ٿو ته اهي نازڪ وقت ۾ قوم جي صحيح رهنمائي ڪن ۽ تمام تر نتيجن جي پرواھ ڪرڻ کان سواءِ ئي حق ۽ سچ جي ڳالھھ ڪن. انهن چيو ته حق ۽ سچ بيان ڪرڻ تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي تقريرن، بيانن ايستائين جو انهن جي تصويرن تي به پابندي عائد ڪئي وئي آهي.پر محمود خان اچڪزئي اڄ قومي اسيمبلي ۾ پنهنجي تقرير جي دوران اسٽيبلشمينٽ ۽ سرڪاري ايجنسين  جي ڪردار جي باري ۾ جنهن جرت ۽ بهادري سان پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو آهي ان تي وفاقي حڪومت، اسٽيبلشمينٽ، فوج، فوجي قيادت ۽ پيمرا مان جيڪڏهن ڪنهن ۾ همت آهي ته اها محمود خان اچڪزئي جي تقرير، تصوير ۽ آواز تي پابندي لڳائي ڏيکاري.

4/20/2024 7:37:23 AM