ڪوئيٽا سول اسپتال ۾ ٿيندڙ بم ڌماڪي ۾ڊان نيوز جي ڪيميره مين ۽ آج ٽي وي جي ڪيميره مين جي شهادت تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان تعزيت جو اظهار
ڪراچي: 8 آگسٽ 2016
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ڪوئيٽا سول اسپتال ۾ ٿيندڙ بم ڌماڪي ۾ شهيد ٿيندڙ ڊان نيوز جي ڪيميره مين ۽ آج نيوز جي ڪيميره مين جي شهادت تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته ڊان نيوز ۽ آج نيوز جا ڪيميرا مين پنهنجيون صحافتي ذميواريون ادا ڪري رهيا هئا ته اهي شهيد ٿي ويا . رابطا ڪميٽي چيو ته ان واقعي جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. رابطا ڪميٽي ڊان نيوز ۽ آج نيوز جي ڪيميرامينن جي سمورن پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله تعالٰي انهن شهيدن سميت سمورن شهيدن کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. آمين.