ڪوئيٽا سول اسپتال بم ڌماڪي جي شهيدن ۾ ايم ڪيو ايم ڪوئيٽا ليگل ايڊ ڪميٽي جو ميمبر سرفراز شيخ ايڊووڪيٽ به شامل آهي. ايم ڪيو ايم
ڪراچي: 8 آگسٽ 2016
ڪوئيٽا سول اسپتال ۾ ٿيندڙ بم ڌماڪي جي شهيدن ۾ ايم ڪيو ايم ليگل ايڊ ڪميٽي جو ميمبر سرفراز شيخ ايڊووڪيٽ به شامل آهي. تفصيلات جي مطابق سرفراز شيخ وڪيلن سان گڏ بلوچستان بار جي صدر بلال ڪانسي جي عيادت جي لاءِ اسپتال ويا هئا ته ان دوران بم ڌماڪو ٿي پيو ۽ اهي شهيد ٿي پيا. ان کان علاوه ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي سرفراز شيخ جي شهادت تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ رابطا ڪميٽي شهيد جي سمورن سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي انهن کي صبر جي تلقين ڪئي. رابطا ڪميٽي دعا ڪئي ته الله تعالٰي شهيد کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. آمين.