ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ميمبرن عارف خان ۽ جاويد ڪاظمي سيد سردار احمد جي گهر واري ۽ فيصل رفيق جي والد جي اسپتالن ۾ وڃي ڪري عيادت ڪئي
ڪراچي: 7 آگسٽ 2016
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن عارف خان ۽ جاويد ڪاظمي سنڌ اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم جي پارليماني ليڊر سيد سردار احمد جي گهر واري ۽ حق پرست ميمبر سنڌ اسيمبلي فيصل رفيق جي والد جي اسپتالن ۾ وڃي ڪري عيادت ڪئي. انهن قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان انهن کي گلدستا پيش ڪيا ۽ انهن جي مڪمل صحتيبابي جي لاءِ دعا به ڪئي.