قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جو ايم ڪيو ايم بلتستان زون جي انچارج نور حسن جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار
لنڊن: 7 آگسٽ 2016
قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم بلتستان زون جي انچارج نور حسن جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ جناب الطاف حسين انهن جي پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي فرمايو ته مون سميت ايم ڪيو ايم جا سمورا ڪارڪن اوهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن.انهن دعا فرمائي ته الله تعالٰي مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. آمين.