Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪراچي جي انفراسٽڪچر کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ اڍائي سو ارب روپين جو خصوصي پيڪيج ڏنو وڃي. ايم ڪيو ايم ڪنوينر نديم نصرت


ڪراچي جي انفراسٽڪچر کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ اڍائي سو ارب روپين جو خصوصي پيڪيج ڏنو وڃي. ايم ڪيو ايم ڪنوينر نديم نصرت
 Posted on: 8/7/2016 1
ڪراچي جي انفراسٽڪچر کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ اڍائي سو ارب روپين جو خصوصي پيڪيج ڏنو وڃي. ايم ڪيو ايم ڪنوينر نديم نصرت
ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ٿيندڙ تباهي جي ذميوار سنڌ جي تعصب پرست حڪومت آهي. نديم نصرت
لنڊن: 7 آگسٽ 2016 
                  متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ڪنوينر نديم نصرت چيو آهي ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ پاڻي جو نيڪر نه ٿيڻ جي  ڪري ٿيندڙ تباھي جي ذميوار سنڌ جي تعصب پرست حڪومت آهي ڇو ته اها ڪراچي ۽ حيدرآباد سان لڳاتار تعصب وارو سلوڪ ڪري رهي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ انهن چيو ته ايم ڪيو ايم جي شهري حڪومت 2005 کان وٺي 2009 تائين ڪراچي ۾ وڏي پيماني تي ترقياتي ڪم ڪرائي شهر جي انفراسٽڪچر کي بهتر بڻايو هو، پر ٻهراڙي سنڌ جي نمائنده پي پي جي صوبائي حڪومت گذريل 8 سالن ۾ ڪراچي کي هر شعبي ۾ ڄاڻي واڻي نظر انداز ڪري شهر جو سڄو انفراسٽڪچر تباھ ڪري ڇڏيو آهي. انهن چيو ته صرف ڪراچي دشمني ۾ ئي ڪراچي مان گند به نه پيو کڻايو وڃي ان جي ڪري ڪراچي گند جو ڍير بڻجي چڪو آهي ۽ اهو ڪراچي جيڪو سڄي ملڪ جي لاءِ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو  اڄ اهو ڪراچي بي وسي جي تصوير بڻيل آهي. پر سنڌ حڪومت صرف پنهنجي ميڊيا ڪوريج ۽ نمائشتي توجه ڏيئي رهي آهي .انهن چيو ته ايم ڪيو ايم جي قيادت گذريل ڪيترن ئي سالن کان شهر ۾ مڪاني نظام جي نه هجڻ سان پيدا ٿيندڙ خرابين جي نشاندهي ڪندي رهي آهي ۽ سانوڻي جي برساتن کان اڳ به ايم ڪيو ايم جي قيادت، نامزد ميئر وسيم اختر ۽ ڊپٽي ميئر ارشد وهره پنهنجين پريس ڪانفرنسن ۽ بيانن جي ذريعي سنڌ حڪومت جي توجه ان طرف ڇڪرائيندا رهيا آهن ته ڪراچي ۾ ممڪنه طور تي ٿيندڙ برساتن کان اڳ ئي برساتي نالن جي صفائي ڪرائي وڃي، پاڻي جي نيڪر کي بهتر بڻايو وڃي ۽ شهر مان گند کي به صاف ڪيو وڃي ۽ روڊن جي تعمير ۽ مرمت به ڪرائي وڃي ۽ سيوريج جي نظام جي بهتري جي لاءِ به فوري طور تي قدم کنيا وڃن پر سنڌ حڪومت هڪ طرف ته مڪاني ادارن کان سمورا اختيار ڇني ورتا آهن ۽ ٻئي طرف اها پاڻ به انهن مسئلن ڏانهن توجه نه ڏيئي رهي آهي ۽ نالن جي صفائي جي لاءِ جاري ڪيل ڪروڙين روپيا به پاڻ هڙپ ڪري وئي آهي. جنهن جو نتيجو اڄ اهو نڪتو آهي ته تورڙي ئي برسات جي ڪري ڪراچي ۽ حيدرآباد جي صورتحال تباهي واري ٿي وئي آهي ۽ سمورا رهائشي علائقا ۽ روڊ دُٻا بڻجي چڪا آهن ۽ سيوريج جو گندو پاڻي به گهرن ۽ دڪانن ۾ داخل ٿي ويو آهي، ان جي ڪري وڏي پيماني تي ماڻهن جو نقصان ٿيو آهي. انهن چيو ته ڪراچي ۽ حيدرآباد جي ان تباهي واري صورتحال جي ذميوار سنڌ جي تعصب پرست صوبائي حڪومت آهي جيڪا ڪراچي ۽ حيدرآباد سان لڳاتار  تعصب وارو سلوڪ ڪري رهي آهي. انهن چيو ته ڪراچي سڄي ملڪ کي پالي رهيو آهي. پر ان شهر جا ماڻهو اڄ به پنهنجن بنيادي مسئلن جي لاءِ ترسي رهيا آهن. انهن چيو ته عصبيت جي ان کان وڌي ڪري ٻئي ڪهڙي حد ٿيندي جو صوبائي ۽ وفاقي حڪمران َ ڪراچي کي پاڻي ۽ بجلي ڏيڻ ته ٺهيو ان  جي گندن نالن جي صفائي ڪرائڻ جي لاءِ به تيار نه آهن. انهن وڌيڪ چيو ته  اسان جيڪڏهن مڪاني ادارن جي اختيارن ۽ پنهنجن حقن جي ڳالھھ ڪريون ته اسان تي غداري جا الزام لڳايا وڃن ٿا. پر سنڌ حڪومت پاڻ به شهرين جي محرومي کي دور ڪرڻ جي لاءِ ڪي به قدم نه کڻي رهي آهي. انهن مطالبو ڪيو ته ڪراچي ۾ انفراسٽڪچر کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڪراچي کي اڍائي سو ارب روپين جو پيڪيج ڏنو وڃي، حيدرآباد جي تباھي واري صورتحال تي فوري توجه ڏني وڃي ۽ هيٺائين وارن علائقن ۾ پاڻي جي نيڪر جو ڪم هنگامي بنيادن تي ڪيو وڃي ۽ سنڌ جي شهري علائقن جي مڪاني ادارن کي جلد کان جلد فعال ڪري ۽ چونڊيل نمائندن کي اختيار ڏيئي ڪري انهن کي عوام جا بنيادي مسئلا حل ڪرڻ جو موقعو ڏنو وڃي ۽ ايم ڪيو ايم جي خلاف غير قانوني ڪاروائين جو سلسلو به فوري طور تي بند ڪيو وڃي ۽ نامزد حق پرست ميئر وسيم اختر ۽ ميمبر سنڌ اسيمبلي رئوف صديقي سميت ايم ڪيو ايم جي سمورن بي ڏوهي ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي به آزاد ڪيو وڃي.

4/19/2024 6:14:02 AM