Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ناڻي واري کاتي جي طرفان ڪراچي جي وومين ڪاليجن جي اسٽنٽ پروفيسرن جون 50 کان وڌيڪ خاليون جايون اندرون سنڌ حيدرآباد منتقل ڪرڻ تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار


ناڻي واري کاتي جي طرفان ڪراچي جي وومين ڪاليجن جي اسٽنٽ پروفيسرن جون 50  کان وڌيڪ خاليون جايون اندرون سنڌ حيدرآباد منتقل ڪرڻ تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار
 Posted on: 8/5/2016 1
ناڻي واري کاتي جي طرفان ڪراچي جي وومين ڪاليجن جي اسٽنٽ پروفيسرن جون 50  کان وڌيڪ خاليون جايون اندرون سنڌ حيدرآباد منتقل ڪرڻ تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار
ڪراچي: 5 آگسٽ 2016 
                     متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ناڻي واري کاتي جي طرفان ڪراچي وومين ڪاليجن جي اسٽنٽ پروفيسرن جون 50 کان وڌيڪ خاليون جايون اندرون سنڌ حيدرآباد منتقل ڪرڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته حيدرآباد جي ڪاليجن ۾ استادن جي تعداد وڌيڪ هجڻ جي باوجود ڪراچي کان وومين ڪاليجن جي اسٽنٽ پروفيسرن جون 50 کان وڌيڪ خاليون جايون حيدرآباد منتقل ڪرڻ پي پي سنڌ حڪومت جو هڪ ٻيو تعصب وارو قدم آهي. جنهن جي  جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته هجڻ ته اهو گهرجي ها ڪراچي جي ڪاليجن ۾ استادن جي ڪمي کي پورو ڪيو وڃي ها ۽ ميرٽ تي فيصلا ڪيا وڃن ها پر افسوس جو ماضي وانگر  نئين وزير اعلٰي سنڌ مراد علي شاھ جي موجودگي ۾ به پي پي کلي عام مهاجر دشمن قدم کڻي رهي آهي ۽ ميرٽ کي ترجيح ڏيڻ جي بجاءِ تعصب جو اڃان وڌيڪ ٻڄ پوکي رهي آهي.  رابطا ڪميٽي وزير اعظم ميان نواز شريف ۽ وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ کان مطالبو ڪيو ته اهي وومين ڪاليجن جي اسٽنٽ پروفيسرن جون 50 کان وڌيڪ خاليون جايون اندرون سنڌ حيدرآباد منتقل ڪرڻ جو سنجيدگي سان نوٽس وٺن. ان کان علاوه ڪراچي جا شهري گورنر سنڌ کان به مطالبو ڪن ٿا ته اهي هاڻي ته خاموشي جو تالو ٽوڙي ڇڏين ۽ ڪراچي دشمني وارن قدمن تي پنهنجا اختيار استعمال ڪن نه ته ڪراچي جي شهرين تي ٿيندڙ ظلمن تي اهي احتجاجن پنهنجي عهدي تان استعيفٰي ڏيئي ڇڏين.

4/20/2024 5:34:58 AM