رينجر ۽ پوليس گذريل چئن ڏينهن جي دوران ايم ڪيو ايم جي 12 ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو آهي
ڪراچي: 5 آگسٽ 2016
گذريل 4 ڏينهن جي دوران رينجر ۽ پوليس ايم ڪيو ايم جي 12 ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي گرفتا ڪري ورتو آهي. تفصيلات جي مطابق اڄ حيدرآباد کان ايم ڪيو ايم جي سابق سيڪٽر ميمبر رضا کي گرفتار ڪري ورتو آهي . اهڙي طرح خميس جي رات ملير کان چئن ڪارڪنن يوسي 12 جي فنانس سيڪريٽري غلام سرور، ڪارڪنن عبدالقيوم، عبدالنعيم ۽ جنيد قريشي، لياقت آباد کان يونٽ 165 جي ڪارڪن احتشام جيڪي اسير ڪارڪن تنوير احمد جا ڀائر به آهن. ان کان علاوه ڪورنگي مان يوسي 25 جي ڪارڪن مرزٰي اظهر بيگ ، بلديه ٽائون يوسي 30 جي ڪارڪن رائو اشرف عديل، لانڍي يوسي 6 جي ڪارڪن محمد بشير ۽ يوسي 4 جي ڪارڪن ماجد خان ، پاڪ ڪالوني يوسي 5 جي ڪارڪنن عمر دراز ۽ محمد ڪليم کي به گرفتار ڪيو ويو آهي. اهڙي طرح رينجر ۽ پوليس گذريل چئن ڏينهن ۾ ايم ڪيو ايم جي 12 ڪارڪنن ۽ ذميوارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي جن مان ستن ڪارڪنن کي صرف 24 ڪلاڪن جي اندر گرفتار ڪيو ويو آهي.