آزاد ڪشمير جي نئين چونڊيل وزير اعظم راجه فاروق حيدر کي رابطا ڪميٽي جي ڪنوينر نديم نصرت جي طرفان دلي مبارڪباد پيش
لنڊن: 31 جولائي 2016
ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ڪنوينر نديم نصرت آزاد ڪشمير جي نئين چونڊيل وزير اعظم راجه فاروق حيدر کي دلي مبارڪباد پيش ڪئي آهي پنهنجي هڪ بيان ۾ نديم نصرت چيو ته آزاد ڪشمير جي عوام واضع اڪثريت سان انهن کي وزير اعظم چونڊيو آهي ان جي ڪري مون کي اميد آهي ته اهي آزاد ڪشمير جي عوام جي ڀلائي جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا. انهن راجه فاروق حيدر کي آزاد ڪشمير جو وزير اعظم چونڊجڻ تي وزير اعظم ميان نواز شريف، مسلم ليگ ن جي اڳواڻڻ، ڪارڪنن ۽ آزاد ڪشمير جي عوام کي به دلي مبارڪباد پيش ڪئي آهي .