آزاد ڪشمير جي نئين چونڊيل وزير اعظم راجه فاروق حيدر کي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان دلي مبارڪباد پيش
لنڊن: 31 جولائي 2016
ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين ن ليگ جي اميدوار راجه فاروق حيدر کي آزاد ڪشمير جو وزير اعظم چونڊجڻ تي دلي مبارڪباد پيش ڪئي آهي. پنهنجي هڪ مبارڪباد جي بيان ۾ جناب الطاف حسين اميد ظاهر ڪئي ته آزاد ڪشمير جا نوان چونڊيل وزير اعظم راجه فاروق حيدر ڪشميري عوام جي مسئلن جي حل جي لاءِ پنهنجيون سموريون صلاحيتون استعمال ۾ آڻيندا، ڪشميرين جي وسيع تر مفاد جي لاءِ آزاد ڪشمير جي قانون ساز اسيمبلي ۾ سمورن سياسي جماعتن جي نمائندن کي به ساڻ وٺي ڪري هلندا ۽ آزاد ڪشمير جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ به پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندا. جناب الطاف حسين راجه فاروق حيدر کي آزاد ڪشمير جو وزير اعظم چونڊجڻ تي پاڪستان جي وزير اعظم ميان نواز شريف، مسلم ليگ ن جي سمورن اڳواڻڻ ، ڪارڪنن ۽ آزاد ڪشمير جي عوام کي به دلي مبارڪباد پيش ڪئي.