حق پرست عوام لٽل ماسٽر حنيف محمد خان جي صحت يابي جي لاءِ خصوصي دعائون ڪن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
لنڊن: 31 جولائي 2016
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين عالمي شهرت يافته ڪرڪيٽر حنيف محمد خان جي علالت تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي ۽ انهن جي جلد و مڪمل صحتيابي جي لاءِ خصوصي دعا به ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته حنيف محمد خان ڪرڪيٽ جي ميدان ۾ پاڪستان جو نالو سڄي دنيا ۾ روشن ڪيو آهي ۽ انهن جون خدمتون ناقابل فراموش آهن. انهن حق پرست امڙين، ڀينرن، بزرگن ۽ ڪارڪنن کي اپيل ڪئي آهي ته اهي لٽل ماسٽر حنيف محمد خان جي جلد و مڪمل صحتيابي جي لاءِ الله تعالٰي جي حضور خصوصي دعائون ڪن.