عبدالله هارون روڊ تي هڪ عمارت ڪرڻ جي نتيجي ۾ ڪجھھ ماڻهن جي زخمي ٿيڻ تي رابطا ڪميٽي جي طرفان افسوس جو اظهار
ڪراچي: 3 آگسٽ 2016
ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي عبدالله هارون روڊ تي گيس جي ڌماڪي سان هڪ عمارت ڪرڻ جي نتيجي ۾ ڪجھھ ماڻهن جي زخمي ٿيڻ تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته ڪراچي ۾ ڪيترن ئي عمارتن ۾ ڏار پيل آهن پر ان جي باوجود ماڻهو انهن ۾ مجبوري جي تحت رهي رهيا آهن. جنهن جو سدباب ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي. رابطا ڪميٽي عمارت ڪرڻ جي نتيجي ۾ ماڻهن جي زخمي ٿيڻ تي انهن جي جلد و مڪمل صحتيابي جي لاءِ دعا به ڪئي.