غير قانوني ڇاپن، گرفتارين، ڏاڍ جي زور تي گمشدگين،سياسي سرگرمين تي پابندين ۽ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي ميڊيا ڪوريج تي پابندي جي خلاف ايم ڪيو ايم جي طرفان ڪالھھ 4 آگسٽ بروز خميس کان ڪراچي پريس ڪلب تي ٻن ڏينهن جي علامتي بک هڙتال ڪئي ويندي
ڪراچي: 3 آگسٽ 2016
ايم ڪيو ايم جي آفيسن تي غير قانوني ڇاپن، ڪارڪنن جي گرفتارين، ڏاڍ جي زور تي گمشدگين، ايم ڪيو ايم جي سياسي سرگرمين تي غير اعلانيه پابندين ۽ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي ميڊيا ڪوريج تي پابندي جي خلاف ايم ڪيو ايم جي طرفان 4 آگسٽ بروز خميس تي ٻه روزه بک هڙتال ڪئي ويندي. بک هڙتال ۾ ايم ڪيو ايم جا اسيمبلي ميمبر، شعبن جا ذميوار ۽ شهيدن ۽ لاپتا ڪارڪنن جا گهر وارا شرڪت ڪندا. اها بک هڙتال منجهند هڪ وڳي کان شام جو ستين وڳين تائين جاري رهندي. ايم ڪيو ايم جي طرفان وڪيلن، انساني حقن جي تنظيمن ۽ زندگي جي مختلف شعبن جي ماڻهن کي اپيل ڪئي وئي آهي ته اهي ان بک هڙتال جي موقعي تي يڪجهتي جو اظهار ڪن ۽ انهن ناانصافين تي آواز به بلند ڪن.