رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار عالمي شهرت يافته ڪرڪيٽر لٽل ماسٽر حنيف محمد جي اسپتال ۾ وڃي ڪري عيادت ڪئي
ڪراچي: 3 آگسٽ 2016
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار عالمي شهرت يافته ڪرڪيٽر لٽل ماسٽر حنيف محمد جي اسپتال ۾ وڃي ڪري عيادت ڪئي ۽ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان انهن جي خيريت به دريافت ڪئي. ڊاڪٽر فاروق ستار حنيف محمد کي گلدستو به پيش ڪيو . ان موقعي تي ڊاڪٽر فاروق ستار ڳالھھ ٻولھھ ڪندي چيو ته لٽل ماسٽر حنيف محمد پاڪستان جو سرمايو آهن ۽ انهن ڪرڪيٽ ۾ پاڪستان جو وڏو نالو روشن ڪيو آهي. انهن چيو ته حنيف محمد جي علاج تي حڪومت کي تمام گهڻي توجه ڏيڻ گهرجي ڇو ته اهي ملڪ ۽ قوم جي لاءِ وڏو مقام رکن ٿا.انهن وڌيڪ چيو ته حڪومت کي گهرجي ته اها پاڪستان جو نالو روشن ڪرڻ وارين شخصيتن جي هر ممڪن مدد ڪري.