Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

حڪومت رينجر کي صرف ڪراچي ۾ آپريشن جي اجازت ڏني آهي ته جيئن اها ڪراچي ۾ آپريشن جي نالي تي جيترو چاهي ظلم ڪري. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين


 Posted on: 8/3/2016 1
حڪومت رينجر کي صرف ڪراچي ۾ آپريشن جي اجازت ڏني آهي ته جيئن اها ڪراچي ۾ آپريشن جي نالي تي جيترو چاهي ظلم ڪري. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
پاڪستان جي قائم ٿيڻ کان پوءِ بنگالين کان پوءِ جيڪڏهن ڪنهن قوم جو سڀني کان وڌيڪ قتل عام ٿيو آهي ته اها مهاجر قوم آهي
اڄ به مهاجرن جا سڀ رستا بند ڪيا ويا آهن ۽ انهن کي نفرت ۽ تعصب جو نشانو بڻايو پيو وڃي
ڪراچي سميت مختلف زونن ۽ اوورسيز ۾ ذميوارن سان ڳالھھ ٻولھھ
لنڊن: 3 آگسٽ 2016 
                 متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ حڪومت مهاجرن سان تعصب ۽ نفرت جو مظاهرو ڪندي رينجر کي ٽن مهينن جي لاءِ ڪراچي ۾ آپريشن جي اجازت ڏيئي ڇڏي آهي ته جيئن اها ڪراچي ۾ آپريشن جي نالي تي جيترو چاهي ظلم ڪري ۽ ڪوئي به ان کان پچڻ وارو نه هجي. انهن خيالن جو اظهار انهن ڪراچي سميت مختلف زونن ۽ اوورسيز ۾ ذميوارن سان ڳالھھ ٻولھھ ڪندي فرمايو. جناب الطاف حسين پاڪستان جي سياسي تاريخ ، پاڪستان جي قيام کان پوءِ مهاجرن سان ٿيندڙ ناانصافين، مختلف وقتن ۾ مهاجرن جو قتل عام ، ايم ڪيو ايم جي خلاف ڪيل آپريشنن ۽ موجوده صورتحال جي باري ۾ اظهار خيال ڪيو. جناب الطاف حسين فرمايو ته مهاجرن جي سياسي، معاشي، تعليمي ۽ جسماني قتل عام جي رد عمل جي طور تي ئي 11 جون 1978 تي اي پي ايم ايس او قائم ڪئي وئي هئي. جيڪا 18 مارچ 1984 ۾ مهاجر قومي موومينٽ ۾ تبديل ٿي ۽ پوءِ ان کي سڄي ملڪ جي مظلوم عوام جي جائز حقن جي لاءِ  26 جولائي 1997 ۾ متحده قومي موومينٽ ۾ تبديل ڪيو ويو. حق پرستي جي ان جدوجهد ۾ هزارين مهاجر نوجوانن کي شهيد ڪيو ويو. هزارين ڪارڪنن کي سرڪاري ٽارچر سيلن ۾ وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻائي ڪري معذور ڪيو ويو. انهن کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ملوث ڪري قيد جون تڪليفون برداشت ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو. پاڪستان جي قيام کان پوءِ اڄ تائين ايتري وڏي تعداد ۾ ڪنهن ٻئي جماعت جي خلاف ڪريڪ ڊائون نه ڪيو ويو جيتري وڏي تعداد ۾ ايم ڪيو ايم جي خلاف ڪيو ويو آهي. مهاجر نوجوانن جي ماورائي عدالت قتلن تي پاڪستان جون ٻه چونڊيل حڪومتون برطرف ڪيون ويون. پر اڄ تائين ڪنهن هڪ به ڪارڪن جي قاتل کي گرفتار ڪري سزا نه ڏني وئي آهي. اڄ به ايم ڪيو ايم جي خلاف آپريشن جاري آهي. رينجر ۽ پوليس جا اهلڪار مهاجر آبادين جو گهيراءُ ڪري سرچ وارنٽ ۽ ليڊي سرچرن کان سواءِ ئي گهر گهر تلاشي وٺن ٿا. عورتن ۽ بزرگن جي بي حرمتي ڪن ٿا ۽ نوجوانن کي وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻائڻ ٿا. پر رينجر ۽ پوليس جي اهلڪارن جي طرفان اهو عمل ڪنهن ٻئي قوم جي اڪثريت وارن علائقن ۾ ڪڏهن به نه ڪيو ويو آهي. حالانڪه جن علائقن ۾ رينجر اهلڪارن کي قتل ڪيو ويو ۽ انهن کي يرغمال بڻائي ڪري تشدد جو نشانو بڻايو ويو. اتي به رينجر ڪڏهن ڪاروائي نه ٿي ڪري. انهن فرمايو ته هڪ طرف ته ايم ڪيو ايم جي اڳواڻڻ، چونڊيل نمائندن ۽ ڪارڪنن کي بي ڏوهي گرفتار ڪري انهن جو 90 ڏينهن جو ريمانڊ ورتو وڃي ٿو ۽ جڏهن ته ٻئي طرف لاڙڪاڻي ۾ رينجر جي هٿان سنڌ جي وزير داخلا جي ڀاءُ طارق سيال جي فرنٽ مين اسد کرل گرفتار ڪيو وڃي ته طارق سيال هٿياربندن سان گڏجي رينجر وارن کي يرغمال بڻائي وٺي ٿو ۽ انهن جون ڪلاشنڪوفون به ڇنيون وڃن ٿيون ۽ اسد کرل کي رينجر جي قبضي مان ڇڏائي وٺي ٿو. پر ان تي ڪائي به ڪاروائي ڪرڻ جي بجاءِ اسد کرل کي هڪ طئي شده منصوبي جي تحت گرفتار ڪري ان تي معمولي ڪيس قائم ڪيا وڃن ٿا ۽ انهن کي 14 ڏينهن جي جوڊيشل ريمانڊ تي جيل موڪليو وڃي ٿو ۽ جيل ۾ انهن کي سموريون سهولتون فراهم ڪيون وڃن ٿيون. اهڙي طرح بي ضميرن مان به جيڪڏهن ڪنهن کي گرفتار ڪيو وڃي ٿو ته ان کي به وي آئي پي پروٽوڪول ڏنو وڃي ٿو ۽ جيل جي بجاءِ ان کي اسپتال ۾ موڪليو وڃي ٿو. انهن فرمايو ته اڄ سمورا سنڌي ليڊر وڏي فخر سان اعلان ڪري رهيا آهن ته رينجر جا اختيار صرف ڪراچي تائين محدود آهن ۽ آپريشن صرف ڪراچي ۾ ئي ٿيندو. پر جڏهن ته حقيقت اها آهي ته اندرون سنڌ ۽ پنجاب ۾ اغوا برائي تاوان ، ڀتا خوري، زمينن تي قبضن، اسٽريٽ ڪرائيم ۽ ٻين ڏوهن جي شرح ڪراچي جي مقابلي ۾ ڏھ سيڪڙو وڌيڪ آهي. پر حڪمرانن جي طرفان اندرون سنڌ ۽ پنجاب ۾ رينجر جي تعيناتي ۽ آپريشن جي سخت مخالفت ڪئي وڃي ٿي. جناب الطاف حسين پچيو ته ضرب عضب جي نالي سان شروع ڪئي ويندڙ جنگ، سڄي ملڪ ۾ خودڪش حملا ۽ بم ڌماڪا ڪرڻ وارن جيٽ بليڪ دهشت گردن جي خلاف هئي يا صرف ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ جي لاءِ شروع ڪئي وئي هئي. انهن فرمايو ته دهشت گردي  ۽ ڏوهن جي خاتمي جي لاءِ ڪاروائيون سڄي ملڪ جي لاءِ شروع ڪيون ويون هيون ته پوءِ آپريشن صرف ڪراچي ۾ ڇو پيو ڪيو وڃي. انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم کي ڪڇلڻ جي لاءِ رينجر جي طرفان غير قانوني ۽ غير آئيني قدم کنيا پيا وڃن. گذريل 12 ڏينهن کان رينجر کي ڇاپن ۽ گرفتارين جو ڪوئي به اختيار نه هو. پر ان جي باوجود رينجر شاھ فيصل ڪالوني، سرجاني ٽائون، نيو ڪراچي ۽ لياقت آباد ۾ غير قانوني ڇاپن ۽ گرفتارين جو سلسلو جاري رکيو. انهن غير قانوني ڪاورائين ۾ رينجر جي آفيسرن جي خلاف ڪائي به ڪاروائي نه ڪئي وئي آهي. انهن فرمايو ته مهاجر دانشورن کي ايم ڪيو ايم کان پري رکڻ جي لاءِ ڏاڍ جا هٿڪنڊا استعمال ڪيا پيا وڃن. انهن کي خوفزده ڪيو پيو وڃي ته جيئن اهي خوفزده ٿي وڃن، اهڙي طرح ايم ڪيو ايم ۾ شموليت اختيار ڪندڙ واپارين ۽ صنعتڪارن کي به سنگين نتيجن جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن ۽ جڏهن ته ايم ڪيو ايم کي ڪمزور ڪرڻ جي لاءِ اسٽيبلشمينٽ جي طرفان بي ضميرن کي ڪروڙين روپين جا بنگلا، بلٽ پروف گاڏيون ۽ پيسو ڏنو پيو وڃي ۽ مختلف ڪيسن ۾ ملوث ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي لالچ ڏنو پيو وڃي ته اهي انهن بي ضميرن جي ٽولي ۾ شامل ٿي وڃن ته انهن جا گناھ معاف ڪيا ويندا. جناب الطاف حسين فرمايو ته هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ حڪومت مهاجرن سان تعصب ۽ نفرت جو مظاهرو ڪندي رينجر کي ٽن مهينن جي لاءِ ڪراچي ۾ آپريشن جي اجازت ڏيئي ڇڏي آهي ته جيئن اها ڪراچي ۾ آپريشن جي نالي تي جيترو چاهي ظلم ڪري ۽ ان کان پچڻ وارو ڪوئي به نه هجي. جناب الطاف حسين پاڪستان جي سياسي تاريخ تي روشني وجهندي فرمايو ته پاڪستان جي سياست ۾ ڪيتريون ئي لاهيون چاڙهيون آيون ۽ ننڍن صوبن سان زيادتيون ۽ انهن جا حق ڇنيا ويا آهن.  جنهن جي ڪري پنجاب کان علاوه هر علائقي کان حقن جي لاءِ آوازون اٿيون. جڏهن ذوالفقار علي ڀٽي سرحد صوبي ۾ مفتي محمود جي نيپ جي حڪومت ختم ڪئي ۽ ان ۾ شيخ مجيب الرحمٰن جي عوامي ليگ به شامل هئي. ان کان پوءِ سرحد، بلوچستان ۽ سنڌ جا ڪجھھ ليڊر گرفتار ڪيا ويا. انهي زماني ۾ بنگالي پنهنجي جائز حقن جا مطالبا به ڪري رهيا هئا ۽ سرحد ۾ به پختون پنهنجن جائز حقن جا مطالبا ڪري رهيا هئا، بلوچستان ۾ به جائز حقن جا مطالبا ڪيا وڃي رهيا هئا، پر صورتحال اها پيدا 
ٿي وئي جو پختونن جي حقن جي ڳالھھ ڪرڻ تي غفار خان، ولي خان، اجمل خٽڪ ۽ سنڌ جا به گهڻائي ليڊر جلاوطن ٿي ويا. ان زماني ۾ هڪ نعرو هو ته سرحد جو نالو پختونستان رکيو وڃي. جنهن تي ڀٽي جي حڪومت ۾ اي اين پي جي خلاف ايڪشن ٿيو. غفار خان، ولي خان ۽ ٻين اڳواڻڻ کي گرفتار ڪيو ويو. حيدرآباد ٽريبونل ڪيس بڻيو. جنرل ضياء الحق جو مارشلا لڳو ته انهن اڳواڻڻ کي آزاد ڪيو ويو. سابقه اوڀر پاڪستان ۾ بنگالين  جي حقن جي آواز بلند ٿي. شيخ مجيب الرحمٰن ۽ ڀاشاڻي انهن جا اڳوڻ هئا. شيخ مجيب الرحمٰن جي مقبوليت وڌڻ لڳي ته ان وقت جي اسٽيبلشيمنٽ بنگالي اڳواڻڻ ۾ اختلاف پيدا ڪرايا. 1970  جا اليڪشن ٿيا ته ان ۾ عوامي ليگ تاريخي ڪاميابي حاصل ڪئي ، پر ان کي اقتدار نه ڏنو ويو ۽ اتي آپريشن ڪيو ويو . جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ ٽٽي ويو. ذوالفقار علي ڀٽو جيڪو پڙهيل لکيل ۽ ذهين شخص هو ۽ اهو بيوروڪريٽ به هو. انهن پهرين جنرل ايوب خان جي زماني ۾ فوجي حڪومت ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ پوءِ پيپلز پارٽي بڻائي ، جنرل يحيٰي خان جي فوجي حڪومت ۾ به اهي شامل رهيا. ڀٽي جي پيپلز پارٽي اولھھ پاڪستان ۾ اڪثريت حاصل ڪئي. پر ان فقط 35 سيڪڙو ووٽ حاصل ڪيا. اسٽيبلشمينٽ ڀٽي کي بنگالين جي آواز دٻائڻ جي لاءِ استعمال ڪيو ۽ اوڀر پاڪستان جي الڳ ٿيڻ کان پوءِ انهن کي پاڪستان ۾ قوم پرست تحريڪن کي به ختم ڪرڻ جي لاءِ استعمال ڪيو ويو. ڀٽي نه صرف سنڌي قوم پرست تحريڪ کي ڪمزور ڪيو پر بلوچستان ۽ سرحد جي قوم پرست تحريڪن کي به ڪمزور ڪيو. جناب الطاف حسين فرمايو ته اي اين پي جي اڳواڻ خان ولي خان ڪيترائي ڀيرا اعلان ڪيو ته جيڪڏهن ڪالاباغ ڊيم بڻايو ويو ته اسان ان کي بمن سان اڏائي ڇڏينداسين ۽ ڪالاباغ ڊيم بڻائڻ وارن جا پيٽ ڦاڙي ڇڏينداسين. ڪالاباغ ڊيم جي تعمير جي معاملي تي انهي قسم جي جذبن جو اظهار سنڌي اڳواڻڻ جي طرفان به ڪيو ويندو رهيو. پر جيڪڏهن اسان جي طرفان ڪنهن جي باري ۾ اهڙي ڪائي ڳالھھ چئي وڃي ته ان تي طوفان کڙو ڪيووڃي ٿو. انهن فرمايو ته مهاجرن سان شروع کان ئي متعصبانه سلوڪ ڪيو ويندو رهيو آهي. 1977 ۾ نظام مصطفٰي ۽ اسلامي نظام جي تحريڪ هلي ته اها تحريڪ هلائڻ جي ڏوھ ۾ ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، سکر ۽ ٻين مهاجر اڪثريتي علائقن ۾ فوجين کلي عام گوليون هلايون ۽ ڪيترن ئي بي ڏوهي مهاجرن جو قتل عام ڪيو. نظام مصطفٰي جي تحريڪ جي سلسلي ۾ پنجاب اسيمبلي جي ٻاهران مظاهرو ڪيو ويو ۽ فوج جي آفيسرن جي طرفان مظاهرين تي گوليون هلائڻ جا حڪم ڏنا ويا پر فوجين مظاهرين تي گوليون هلائڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو ۽ انهن پنهنجا بيلٽ لاهي ڇڏيا ۽ چيو ته اسان پنهنجن ڀائرن تي هرگز به گوليون نه هلائينداسين. 2014 ۾ اسلام آباد ۾ ڌرڻي جي دوران تحريڪ انصاف جي سربراھ عمران خان پوليس جي هٿان پنهنجن ڪارڪنن جي گرفتارين تي کلي عام پنهنجن ڪارڪنن کي چيو ته گرفتار ڪرڻ وارا پوليس وارا جتي به نظر اچن ته انهن کي ڪٽڪو ڏيو. پر ان تي سمورا اينڪر پرسن، سياسي جماعتون ۽ اسٽيبلشمينٽ خاموش رهيون. جيڪڏهن  مهاجر ڪارڪنن جي ماورائي عدالت قتلن جي ذميوارن جي خلاف اها ئي ڳالھھ الطاف حسين جي طرفان ڪئي وڃي ها ته مون کي ملڪ دشمن، غدار، دهشت گرد،را، اسرائيل ۽ موساد جو ايجنٽ قرار ڏنو وڃي ها. جناب الطاف حسين فرمايو ته  پاڪستان جي قيام کان پوءِ بنگالين کان پوءِ جيڪڏهن ڪنهن قوم جو سڀني کان وڌيڪ قتل عام ٿيو آهي ته اها مهاجر قوم آهي. جنرل ايوب خان جي زماني ۾ محترمه فاطمه جناح جو ساٿ ڏيڻ جي ڏوھ ۾ ڪراچي م مهاجر آبادين تي حملا ٿيا. انهن جو قتل عام ڪيو ويو. پوءِ ڀٽي جي حڪومت ۾ اندرون سنڌ ۾ مهاجرن جو قتل عام ٿيو ۽ انهن کي لڏ پلاڻ ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو. پوءِ 31 آڪٽوبر 1986 تي سانحه سهراب ڳوٺ ٿيو. 14 ڊسمبر 1986 تي سانحه علي  ڳڙھ ٿيو. 30 سيپٽمبر 1988 تي سانحه حيدرآباد ٿيو. 26، 27 مئي 1990 تي سانحه پڪا قلعه آپريشن ٿيو. هڪ هڪ واقعي ۾ سو سو ۽ ٻه ٻه سو مهاجرن کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو. انهن فرمايو ته مهاجرن جي جسماني قتل عام سان گڏو گڏ انهن جو معاشي قتل عام به ڪيو ويندو رهيو جنهن جون تفصيلات تمام گهڻيون آهن. ايم ڪيو ايم جي ساٿين کي گهرجي ته اهي ويب سائيٽ کان اهي اعداد شمار معلوم ڪن ته فوج، پوليس ۽ ٻين کاتن  ۽ ادارن ۾ مهاجرن ۽ پاڪستان جي ٻين قومن جو تناسب ڇا آهي ته انهن کي معلوم ٿيندو ته هر اداري ۾ مهاجرن جي تعداد اٽي ۾ لوڻ کان به گهٽ آهي. انهن فرمايو ته پاڪستان جي قيام کان پوءِ مهاجرن کي وڏي تعصب جو نشانو بڻائڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو. مهاجرن کي تلير، مڪڙ، مٽروي،پناھ گير ۽ هندوستوڙي جهڙن توهين وارن لقبن سان نوازيو ويو. مهاجرن  جي لاءِ ڪوئي به ڳالهائڻ وارو نه هو ۽ مهاجرن سان زندگي جي هر شعبي ۾ ناانصافيون ڪيون ويون. اڄ به مهاجرن جا هر طرف کان رستا بند ڪيا پيا وڃن. انهن کي نفرت ۽ تعصب جو نشانو بڻايو پيو وڃي ۽ طاقت ۽ ڏاڍ جي ذريعي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته مهاجرن جي واحد پليٽ فارم ايم ڪيو ايم کي ختم ڪيو وڃي. پر اسان به اهو پڪو پھھ ڪري ورتو آهي ته اسان ڪنهن به قيمت تي پنهنجن جائز حقن کان پوئتي نه هٽنداسين. انهن ذميوارن ۽ ڪارڪنن تي زور ڏنو ته اهي پنهنجين صفن ۾ اتحاد برقرار رکن ۽ ثابت قدمي ۽ مستقل مزاجي سان جدوجهد جاري رکن.

4/19/2024 11:08:02 AM