Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

تاريخ کان سبق حاصل نه ڪيو ويو آهي ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم تي زمين تنگ ڪئي وئي آهي. رابطا ڪميٽي ميمبر گلفراز خان خٽڪ


تاريخ کان سبق حاصل نه ڪيو ويو آهي ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم تي زمين تنگ ڪئي وئي آهي. رابطا ڪميٽي ميمبر گلفراز خان خٽڪ
 Posted on: 8/4/2016 1
تاريخ کان سبق حاصل نه ڪيو ويو آهي ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم تي زمين تنگ ڪئي وئي آهي. رابطا ڪميٽي ميمبر گلفراز خان خٽڪ
بک هڙتالي ڪيمپ ۾ ماڻهو خالي پيٽ ويهي ڪري پنهنجين تڪليفن جو اظهار ڪري رهيا آهن. خوش بخت شجاعت
بک هڙتالي ڪيمپ ۾ منجهند 2 وڳي  پريس بريفنگ
ڪراچي: 4 آگسٽ 2016 
 متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميبمر گلفزاز خان خٽڪ چيو آهي ته ڪوئي به ادارو ڪنهن به شخص جي گرفتاري کان پوءِ 24 ڪلاڪن جي اندر ان کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو پابند آهي ، پر جيڪڏهن اهو ائين نه ٿو ڪري ته ان جو اهو عمل اغوا برائي تاوان جي زمري ۾ اچي ٿو. انهن خيالن جو اظهار انهن بک هڙتالي ڪيمپ تي ميڊيا کي پريس بريفنگ ڏيندي ڪيو. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ميمبر فيض محمد فيضي ۽ اسيمبلي ميمبر به موجود هئا. انهن چيو ته رياستي ڏاڍ ۽ تشدد جي ذريعي ايم ڪيو ايم جي بي گناھ ڪارڪنن، ذميوارن ۽ حق پرست نمائندن کي نشانو بڻايو پيو وڃي. انهن چيو ته جنهن آپريشن کي ڪراچي آپريشن جو نالو ڏنو ويو آهي ان جو مطالبو جناب الطاف حسين ان وقت ڪيو هو جڏهن ڪراچي جون حالتون تمام گهڻيون خراب هيون. واپاري برادري کي اغوا ڪيو ويندو هو ۽ ڪراچي جي معصوم شهرين خصوصن مهاجر  نوجوانن  جا شناختي ڪارڊ چيڪ ڪري انهن کي تشدد جو نشانو بڻايو ويندو هو ۽ انهن سان غير فطري فعل ڪرڻ کان پوءِ ۽ انهن جون ويڊيو اپ لوڊ ڪرڻ کان پوءِ انهن جون لاشون ويرانن ۾ اڇلايون وينديون هيون. انهن وڌيڪ چيو ته شهر ۾ قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي چوڪين جي باوجود ايم ڪيو ايم جا 200 کان وڌيڪ ڪارڪن شهيد ڪيا ويا آهن ۽ انهن جون ايف آئي آرز  به درج نه ڪيون ويون آهن ۽ 125 کان وڌيڪ ڪارڪن اڄ به لاپتا آهن جن کي قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي اهلڪارن گرفتار ڪيو هو. انهن چيو ته هڪ طرف ته اهي ڪاروائيون ٿي رهيون آهن ته ٻئي طرف مذهبي انتها پسندن ۽ فرقي پرست تنظيمن هتي پنهنجا اڏا قائم ڪري ورتا آهن ، هن وقت به پوليس رپورٽون جيڪي درج ٿيون هيون اهي ان ڳالھھ جون گواھ آهن ته ڪهڙي طريقي سان هڪ معاشي حب جو فائدو کڻڻ جي لاءِ انهن پابندي وڌل تنظيمن ان کي آمدني جو ذريعو بڻايو. انهن چيو ته عالمي ميڊيا جون رپورٽون به گواھ آهن ،جن ۾ چيو ويو آهي ته ڪراچي جا ڳوٺ مذهبي انتها پسندن جا ڳڙھ بڻجي چڪا آهن جتي اهي پنهنجو جوڙيل شرعي نظام نافذ ڪري چڪا آهن ۽ اتي اهي ان جي تحت ئي فيصلا ڪري رهيا آهن.انهن چيو  ته 1992 جي آپريشن ۾ به ايم ڪيو ايم جي 17 هزار کان وڌيڪ ڪارڪنن کي شهيد ڪيو ويو هو . انهن چيو ته ايم ڪيو ايم هڪ محب وطن جماعت آهي ۽ اها سمورن ادارن جو احترام ڪري ٿي. پر ڪجھھ گهٽ عقل وارا حڪمران پنهنجن  مفادن جي لاءِ ملڪ ۾ مارشل لا هڻڻ ٿا ۽ ايستائين جو ملڪ کي ٽوڙي به ڇڏين ٿا. انهن چيو ته انهن ادارن ۾ ڪجھھ ماڻهو اهڙا به آهن جيڪي پنهنجن مقصدن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ ۽ ڪنهن پارٽي کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ۽ قوم کي گمراھ ڪرڻ جي لاءِ سياسي جماعت بڻرائين ٿا ۽ انهن کي هن ملڪ  جي خزاني مان بنگلا ۽ گاڏيون به ڏين ٿا ۽ ان کان پوءِ به جڏهن انهن جي دال نه ٿي ڳري ته پوءِ انهن جي عددي اڪثريت بڻائڻ جي لاءِ ماڻهن تي تشدد ۽ اغوا ڪري انهن کي ان ٽولي ۾ شامل ڪرائين ٿا. انهن چيو ته اڄ حالت اها ٿي وئي آهي ته ڇاپا صرف ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي آفيسن تي ئي هنيا وڃن ٿا ۽ ايم ڪيو ايم تي غير اعلانيه پابندي هنئي وئي آهي ۽ ايم ڪيو ايم جا  جڏهن به پروگرام ٿين ٿا ته قانون نافذ ڪرڻ وارن اداران جا اهلڪار انهن جو گهيراءُ ڪري وٺن ٿا. انهن وڌيڪ چيو ته ايم ڪيو ايم ان وقت تائين احتجاج ڪندي رهندي جيستائين اهو ظلم جو سلسلو بند نه ٿو ٿي وڃي. ان موقعي تي سينيٽر خوش بخت شجاعت ڳالھھ ٻولھھ ڪندي چيو ته ايم ڪيو ايم غريب ۽ وچولي طبقي جي نمائنده جماعت آهي ۽ اڄ به اها ثابت قدمي سان پنهنجي جدوجهد رکيل آهي. انهن چيو ته اڄ جو اهو انوکو احتجاج اوهان ڏسي رهيا آهيو ته جنهن ۾ ماڻهو خالي پيٽ ويٺل آهن ۽ اهي پنهنجن ڏکن جو اظهار ڪري رهيا آهن. انهن وڌيڪ چيو ته اهو نظم و ضبط ، شائستگي ۽ تهذيب متحده قومي موومينٽ جو ئي خاصو آهي. 

4/25/2024 3:18:07 PM