Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڇا ڪراچي ۾ سٺي ڪم جي قيمت ايم ڪيو ايم کي ورهائڻ جي سازش ڪري وصول ڪئي پئي وڃي. ڊاڪٽر فاروق ستار


ڇا ڪراچي ۾ سٺي ڪم جي قيمت ايم ڪيو ايم کي ورهائڻ جي سازش ڪري وصول ڪئي پئي وڃي. ڊاڪٽر فاروق ستار
 Posted on: 8/4/2016 1
ڇا ڪراچي ۾ سٺي ڪم جي قيمت ايم ڪيو ايم کي ورهائڻ جي سازش ڪري وصول ڪئي پئي وڃي. ڊاڪٽر فاروق ستار
ڪراچي آپريشن جي لاءِ اي پي سي ۾ ٻن سالن جو مينڊيٽ ڏنو ويو هو پر هن مهل تائين ٻيهر سياسي جماعتن کان مينڊيٽ نه ورتو ويو آهي. ڊاڪٽر فاروق ستار
بک هڙتالي ڪيمپ تي ميڊيا کي پريس بريفنگ
ڪراچي: 4 آگسٽ 2016 
 متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار سوال ڪيو آهي ته ڇا ڪراچي ۾ سٺي ڪم جي قيمت ايم ڪيو ايم کي ورهائڻ جي سازش ڪري وصول ڪئي پئي وڃي. انهن چيو ته ان ڳالھھ ۾ ڪوئي به شڪ نه رهيو آهي ته ايم ڪيو ايم کان نڪتلن کي اسٽيبلشمينٽ جي کليل سپورٽ حاصل آهي. انهن خيالن جو اظهار انهن ڪراچي پريس ڪلب تي بک هڙتالي ڪيمپ تي ميڊيا کي پريس بريفنگ ڏيندي ڪيو. ان  موقعي تي رابطا ڪميٽي ميمبر ۽ ٻيا به موجود هئا. ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته اسان ڪراچي آپريشن جي دوران هزارين غير قانوني ڇاپن، گرفتارين، ماورائي عدالت قتلن ۽ ڏاڍ جي زور تي گمشدگين جي خلاف احتجاج ڪندا رهياسين ۽ صبر جو مظاهرو به ڪندارهياسين . انهن چيو ته 3 مارچ تي ايم ڪيو ايم مان نڪتلن کي پيرا شوٽ جي ذريعي لاٿو ويو ۽ انهن تي هڪ جماعت بڻائي وئي. جيڪي گرفتار ڪيا ويا آهن ۽ ڏاڍ جي زور تي گم ڪيا ويا آهن انهن کي اڃان تائين ڪورٽن ۾ به پيش نه ڪيو ويو آهي. اهڙي طرح ڪوڙا ڪيس بڻائڻ جو سلسلو به جاري آهي. انهن چيو ته ان ڳالھھ ۾ ڪوئي به شڪ نه رهيو آهي ته ايم ڪيو ايم مان نڪتلن کي اسٽيبلشمينٽ جي کليل سپورٽ حاصل آهي. انهن چيو ته اها به عجيب ڳالھھ آهي ته جيڪي ڪالھھ تائين غير مطلوب هئا اهي اڄ مطلوب ٿي ويا آهن ۽ زوري ڪنهن ايف آئي آر ۾ فٽ ڪيا پيا وڃن.ڏھ ڏھ سال پراڻي ايف آئي آر  ۽ اڻ ڄاتل ماڻهن جي خلاف ايف آئي آر ۽ مقدمي ۾ اچانڪ هڪ سياسي فيصلو ٿئي ٿو ۽ ايم ڪيو ايم جو هڪ اڳواڻ يا ڪارڪن ان ۾ مطلوب ٿي وڃي ٿو. جنهن جو ڪنهن به جي آئي ٽي ۽ ايف آئي آر ۾ نالو شامل نه هو ۽ اچانڪ اهو وانٽڊ بڻجي وڃي ٿو. اهڙي طرح جيڪي وانٽڊ ماڻهو آهن انهن کي ڊرائي ڪلنگ ڪري سو سو خون به معاف ڪيا وڃن ٿا. ۽ وانٽڊ ماڻهو اڻ وانٽڊ ٿي وڃن ٿا. انهن چيو ته ڪراچي ٽارگيٽڊ آپريشن مان هڪ ڀيرو ٻيهر واضع ٿي چڪو آهي ته ان جو هڪ سياسي ايجنڊا ۽ مقصد آهي ۽ اهو اهو آهي ته ايم ڪيو ايم کي ڀت سان لڳايو وڃي. ڪرش ۽ ڪمزور ڪيو وڃي ۽ ايم ڪيو ايم کي ورهايو وڃي. انهن چيو ته اي پي سي ۾ ٻه سالن جو مينڊيٽ ڪراچي آپريشن جي لاءِ ڏنو ويو هو پر هن مهل تائين ٻيهر سياسي جماعتن جو مينڊيٽ نه ورتو ويو آهي ۽ بغير ڪنهن سياسي جماعت جي مشاورت کان سواءِ آپريشن ۾ توسيع ڪئي وئي آهي. پر جيڪا قيمت وصول ڪئي پئي وڃي اها تمام گهڻي خطرناڪ آهي، ڪراچي کي تباھ ڪري ۽ ايم ڪيو ايم جا سياسي حق ڇني ڪري ۽ انهن کي ڪوڙن  ڪيسن ۾ گرفتار ڪري ۽ ڇاپا هڻي ڪري ۽ بي گناھ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي ۽ پوءِ انهن تي تشدد ڪري انهن کي پي ايس پي ۾ شامل ڪرايو وڃي ٿو. ان تي اسان کي خوشي ٿي آهي.اوهان ويڊيو ڏسو اهي ويچارا روئي رهيا آهن. ڄڻ ته انهن کي نئين زندگي ملي رهي هجي. ڪير انهن کي زندگي ڏيئي رهيو آهي ۽ ڪير انهن جي زندگين جا فيصلا ڪري رهيو آهي. ڇا ڪوئي آئين ۽ قانون ، حڪومت يا ادارو ان صورتحال جو نوٽس وٺندو. انهن چيو ته پي ايس پي وارن پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ چيو آهي ته لاپتا ڪارڪنن کي ايجنسين اسان جي حوالي ڪيو آهي. ان کان پوءِ سپريم ڪورٽ کي سوموٽو ايڪشن وٺڻ گهرجي ته اهي ڪارڪن ڪنهن جي تحويل ۾ هئا. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم لانڍي جي ڪارڪن رياض الحق جنهن وفاداري تبديل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو انهن جي تشدد ٿيل لاش ملي هئي. انهن چيو  ته 5 مئي تي آفتاب احمد شهيد کي رينجر جي تحويل ۾ تشدد جو نشانو بڻائي ڪري شهيد ڪيو ويو. ان جي انڪوائري رپورٽ اڄ تائين نه آئي آهي. آرمي چيف جنرل راحيل شريف چيو هو ته آفتاب احمد شهيد جي قاتلن کي سخت ترين سزا ڏني وڃي ۽ انصاف جا تقاضا پورا ڪيا وڃن. پر اڄ تائين انصاف جا تقاضا پورا نه ٿيا آهن. انهن چيو ته طالبان ۽ پابندي وڌل تنظيمن کي کليل چوٽ ڏني وئي آهي ۽ اهي زڪوٰت ۽ فطرو به وٺن ٿيون، انهن چيو ته اها ڪيتري وڏي منافقت آهي ته رينجر ۽ پوليس جي گاڏي سان گڏجي لشڪر جهنگوي جا ماڻهو زڪوٰت ۽  فطرو گڏ ڪن پيا پر ايم ڪيو ايم جي فلاحي اداري ڪي ڪي ايف تي پابندي هئي. انهن چيو ته وسيم اختر کي ڪراچي جو ميئر نامزد ڪيو ويو آهي ان جي ڪري انهن کي ڪوڙن الزامن ۾ ملوث ڪيو ويو آهي ۽ اهي عدالت ۾ گرفتاري کان اڳ ضمانت جي لاءِ ويا ته انهن کي گرفتار ڪيو وڃي ٿو. انهن وزير اعظم ميان نواز شريف، آرمي چيف جنرل راحيل شريف، ڪور ڪمانڊر ڪراچي جنرل نويد مختيار ۽ وزير اعلٰي سنڌ سيد مراد علي شاھ کان مطالبو ڪيو ته ڪوئي به فورم بڻايو وڃي جيڪو اسان جون شڪايتون ٻڌي ۽ مخالف ڌر کي گهرائي ڪري سچ ۽ ڪوڙ جو فيصلو ڪري. انهن وڌيڪ چيو ته رينجر کي ڪراچي ۾ اڍائي سال ٿي ويا آهن ۽ اختيارن تي ڳالھھ اچي ته ان کي صرف ڪراچي ۾ ئي اختيار ڏنا وڃن ٿا. اهو سراسر ظلم ۽ ڪراچي وارن سان وڏو تعصب آهي. انهن چيو  ته جڏهن اوهان پاڻ ئي پنهنجي عمل سان ثابت ڪري رهيا آهيو ته ڪراچي باقي سنڌ کان الڳ آهي ۽ ڪراچي اوهان کان نه ٿو سنڀلجي ته پوءِ ڪراچي کي الڳ صوبو بڻائي ڇڏيو. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ميمبر محفوظ يار خان خطاب ڪندي چيو ته اسان اها بک هڙتال ان جي ڪري ڪري رهيا آهيون ته جيئن اختياري ڌرين کي اها خبر پوي ته ايم ڪيو ايم جو جذبو ختم نه ٿيو آهي ۽ ايم ڪيو ايم جا 61 ڪارڪن به ماورائي عدالت شهيد ٿيڻ جي باوجود اسان جي جدوجهد جاري رهندي.ان موقعي تي قومي اسيمبلي ميمبر عبدالوسيم، سنڌ اسيمبلي ميمبرن هير سوهو ۽ وقار حسين شاھ، سي اي سي ميمبر منظور جوکي  ۽ انچارج سي او پي طٰحٰي احمد ۽ محترمه ڪرن فاروقي به خطاب ڪيو. 
 
تصاویر


4/18/2024 12:20:38 AM