Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي بک هڙتالي ڪيمپ ۾ اين جي اوز . انساني حقن جي تنظيمن ۽ سياسي جماعتن جي اڳواڻڻ جو اظهار يڪجهتي ۽ غير قانوني گرفتارين ۽ ڏاڍ جي زور تي گمشدگين تي مذمت جو اظهار


ايم ڪيو ايم جي بک هڙتالي ڪيمپ ۾ اين جي اوز  . انساني حقن جي تنظيمن ۽ سياسي جماعتن جي اڳواڻڻ جو اظهار يڪجهتي ۽ غير قانوني گرفتارين ۽ ڏاڍ جي زور تي گمشدگين تي مذمت جو اظهار
 Posted on: 8/4/2016 1
ايم ڪيو ايم جي بک هڙتالي ڪيمپ ۾ اين جي اوز  . انساني حقن جي تنظيمن ۽ سياسي جماعتن جي اڳواڻڻ جو اظهار يڪجهتي ۽ غير قانوني گرفتارين ۽ ڏاڍ جي زور تي گمشدگين تي مذمت جو اظهار
ڪراچي: 4 آگسٽ 2016 
ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي گرفتارين، غير قانوني ڇاپن، ڏاڍ جي زور تي گمشدگين، سياسي سرگرمين تي غير اعلانيه پابندي ۽ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي ميڊيا ڪوريج تي غير آئيني پابندين جي خلاف ڪراچي پريس ڪلب تي علامتي بک هڙتال جي پهرين ڏينهن پهچي ڪري مختلف اين جي اوز ، انساني حقن جي ادارن ۽سياسي جماعتن جي اڳواڻڻ يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ ڪراچي آپريشن جي نالي تي غير قانوني قدمن جي کلي ڪري مذمت ڪئي ۽ انهن غير قانوني قدمن کي بند ڪرڻ جو مطالبو به ڪيو.ان موقعي تي بک هڙتالي ڪيمپ تي ڳالھھ ٻولھھ ڪندي سوشل ورڪر ۽ عورت تحريڪ جي چيئرمين شيما ڪرماڻي چيو ته ظلم جي خلاف آواز اٿارڻ اسان سڀني جو فرض آهي ڇو ته جيڪڏهن ڪوئي ظلم جي خلاف آواز نه ٿو اٿاري ته ان جو مطلب اهو آهي ته اهو به ان ظلم جو حصو آهي. انهن چيو ته غير قانوني ڇاپن، گرفتارين، ڏاڍ جي زور تي گمشدگين ۽ ڪوڙن ڪيسن جي اسان به خلاف آهيون. انهن وڌيڪ چيو ته ظلم جي خلاف آواز  اٿارڻ جي لاءِ شهرين جي طرفان مهم شروع ڪئي وئي آهي ۽ ڇنڇر جي ڏينهن کان اسان ظلم جي خلاف پرامن احتجاج ڪراچي پريس ڪلب تي ڪنداسين. ان موقعي تي پائلر ڪي سي اي او ڪرامت ڪرماڻي چيو ته اسان هتي ان جي لاءِ آيا آهيون جو اسان جو  سماج نازڪ دور مان گذري رهيو آهي ۽ ان جو سڀني کان وڏو سبب اهو آهي ته ملڪ ۾ جمهوري ۽ انساني اقدار جي لڳاتار خلاف ورزي ڪئي پئي وڃي ۽ آئين ۽ قانون کي نظر انداز ڪيو پيو وڃي. انهن چيو  ته جتي اهڙو معاشرو هجي جو جتي تشدد کي اوليت ڏني وڃي ۽ رياست لاقانونيت ۽ تشدد ۾ پاڻ ملوث ٿي وڃي ته  اتان جون حالتون وڌيڪ خراب ٿي وڃن ٿيون. انهن چيو ته ڪنهن جي به زبان کي بند ڪرڻ جمهوري اقدار نه آهي ۽ ان کي ختم ٿيڻ گهرجي. ان موقعي تي عورت فائونڊيشن جي ريجنل ڊائريڪٽر محترمه منهاز رحمٰن چيو ته اسان انساني حقن جي نمائندن جي حيثيت سان آيا آهيون ۽ جتي به ان جي خلاف ورزي ٿئي ٿي ان جي اسان مذمت ڪريون ٿا.انهن چيو ته اسان پاڪستان جي آئين ۽ قانون ۾ رهندي هر ٽولي ۽ سياسي جماعت جي لاءِ آزادي چاهيون ٿا ۽ هر اداري کي پنهنجن حدن ۾ رهي ڪري ڪم ڪرڻ گهرجي. ان موقعي تي پي پي آئي شيرازي گروپ جي مرڪزي چيئرمين مظهر شيرازي چيو  ته اسان گذريل 100 سالن کان ڪراچي ۾ رهندا پيا اچون ۽ اسان جناب الطاف حسين ڀاءُ کي 1974 کان وٺي ڪري ڄاڻيون ٿا مان پي پي آئي جي بنيادي ميمبرن کي ان وقت به چوندو هوس ته اسان غلطي تي آهيون ۽ الطاف حسين ڀاءُ حق تي آهن. ڇو ته ان وقت اسان جو جلوس ڪنٽينرن ۽ سوزوڪين تي هوندو هو ۽ الطاف حسين ڀاءُ جو جلوس سائيڪل تي هوندو هو. ان موقعي تي پوليٽڪل ورڪر محترمه نغمه اقتدار ۽ انجمن تاجران پاڪستان بازار جي باني سليم ولي به خطاب ڪيو.

تصاویر


12/26/2024 7:10:26 PM